21 بدھ , نومبر 2018

هاڻ وائي  فاءِ جي سگنلن کان سيڪيورٽي جو ڪم ورتو ويندو

Security will be taken from now Wi-Fi signalsڪراچي(ويب ڊيسڪ) عام وائي فائي سنگلن کي تمام جلد گهٽ قيمت تي سيڪيورٽي ٽول طور استعمال ڪري زهريلن ڪيميڪلن، بم ۽ هٿيارن کي پڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اها دعويٰ آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. ريٽگرز يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ان جي ڪامياب آزمائش پڻ ڪئي وئي آهي ۽ ثابت ٿيو ته وائي فائي سگنل بيگز (ٿيلن) جي اندر موجود خطرناڪ شين جي صحيح نموني سڃاڻپ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ڪيترن ئي تجربن بعد محققن آخرڪار ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. اهو نظام 95 سيڪڙو تائين ٺيڪ هوندو آهي. محققن اميد ظاهر ڪئي آهي ته ان نظام سان ميوزيم، اسٽيڊيم، ٿيم پارڪن، اسڪولن ۽ ٻين عوامي هنڌن کي وڌيڪ محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.هنن ٻڌايو ته عوام کي خطرناڪ شين کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهندو ۽ موجودا حالتن ۾ اهڙي نطام جي تمام گهرج آهي. انهن جو چوڻ هو ته هي روايتي سيڪيورٽي سسٽمن جي مقابلي ۾وڌيڪ سستو پڻ آهي ۽ هن کي ڪٿي به لڳائڻ آسان هئڻ سان گڏ هي ماڻهن جي پرائيويسي کي به تحفظ پڻ فراهم ڪندو آهي.  تحقيق موجب هن وقت بيگن جي تلاشي لاءِ انسانن جي ضرورت پوندي آهي ۽ اسان اهڙو طريقڪار تشڪيل ڏيڻ چاهيون ٿا جنهن سان ان جي گهرج کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي . ان نظام ۾ وائي فائي ڊيوائس کي 2 يا 3 انٽينا سان گڏ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جن مان هڪ انٽينا سگنل خارج ڪندو آهي جڏهن ته ٻيو موصول ڪندو آهي. محققن دعويٰ ڪئي آهي ته اهو نظام هٿيارن، المونيم ڪين، ليپ ٽاپ ۽ بيٽريز جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو، جڏهن سيال جهڙين شين جهڙوڪ پاڻي، تيزاب، الڪحل ۽ ٻيون ڪيميڪلن جو پتو پڻ لڳائي سگهي ٿو. فلحال شروعات ۾ ان ٽيڪنالوجي کي سڄي آمريڪا جي چونڊيل ايئرپورٽن تي آزمايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Instagram ousting fake followers from accounts

انسٽاگرام طرفان ڪوڙن لائيڪن، تبصرن ۽ فالورن تي ڪڙي نظر  رکي ويندي

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) مشهور سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام تي ڪوڙن لائيڪن ۽ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے