16 جمعہ , نومبر 2018

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز جي ڪوچنگ ڪورس ۾ شرڪت ڪرڻ کان معذرت

Sorry to attend the national cricket team's captain Sarfraz's Coaching Courseڪراچي(اسپورٽس نيوز) دنيا جا ڪيترائي ڪرڪيٽر راند تان ريٽائرمنٽ بعد ڪرڪيٽ ڪوچنگ سان سالهاڙجي رهيا آهن، جڏهن ته جاويد ميانداد، محسن حسن خان، وقار يونس ۽ معين خان ڪوچنگ ڪورس جي سند نه هئڻ باوجود پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ ڪري چڪا آهن. پاڪستان ٽيم جي موجودا ڪوچ مڪي آرٿر وٽ ڪرڪيٽ جو اهو تجربو ناهي جيڪو جاويد ميانداد، محسن خان، وقار يونس ۽ معين خان وٽ آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد هن وقت ڪوچنگ ڪورس سان دلچسپي نٿو رکي پر سندس نگاهون پاڪستان طرفان عالمي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي کُتل آهن. گذريل ڏينهن ايل سي سي اي گرائونڊ لاهور ۾ سرفراز احمد فضل محمود انٽر ڪلب ايونٽ ۾ پنهنجي ڪلب پاڪستان سي سي ڪراچي جي طرفان سيمي فائنل ۾ ايڪشن ۾ نظر آيو. ان ميچ ۾ اسد شفيق، شان مسعود پڻ شرڪت ڪئي. سرفراز احمد ٻن سالن کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتاني جا فرض انجام ڏئي رهيو آهي سندس اڳواڻي ۾ گرين شرٽس جي ڪاميابين جو سفر جاري آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سرفراز احمد کي قومي اڪيڊمي ۾ ليول ون ڪوچنگ ڪورس ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر سرفراز احمد عيد ۽ اڳواٽ طئي ٿيل مصروف شيڊول سبب معذرت ڪري ڇڏي پر هو مستقبل ۾ ڪوچنگ ڪورس ڪرڻ ۾ دلسچپي رکي ٿو. ڪوچنگ لاءِ ليول ون شروعاتي ڪورس هوندو آهي. ذريعن موجب قومي اڪيڊمي ۾ ٽن ڏينهن بعد ليول ون ڪوچنگ ڪورس شروع ٿي رهيو آهي. پي سي بي جي هڪ آفيسر سرفراز احمد کي ڪورس ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ چيو ته چئن ڏينهن جي ڪورس ۾ توهان کي ٻه ڏينهن شرڪت ڪرڻ بعد سرٽيفڪيٽ ملي ويندو.ذريعن موجب سرفراز احمد چيو ته کيس فضل محمود ٽورنامنٽ جو فائنل کيڏي ڪراچي وڃڻو آهي جتي سندس عيد جي حوالي اڳواٽ طئي ٿيل مصروفتيون آهن. 31 ورهين جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد 41 ٽيسٽ، 90 ون ڊي ۽ 48 ٽي ٽوئنٽي عالمي ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي، پي ايس ايل جي ٽائٽل اسپانسر جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ  (پي ايس ايل) جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے