16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: دولتپورصفن: معصوم ٻارڙن سان زيادتين، وڌندڙ بدامني خلاف پي ٽي آءِ جو احتجاج

Dolatpur Safan: Protest by PTI for increasing child abuse*دولتپورصفن شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ معصوم ٻارڙن سان زيادتين، وڌندڙ بدامني ۽ پوليس انتظاميا جي نااهليءَ خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو .

پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن خادم حسين انڙ،سڪندر انڙ.جهانگير جوڻيجو ،مختيار انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪٽپر پيٽرول پمپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي  پريس ڪلب چوڪ کان ٿيندي دولتپورصفن ٿاڻي اندر احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

 ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته دولتپور صفن شهر ۽ ڀر پاسي ۾ ٻارن سان زيادتيون وڌي ويون آهن.

هنن ٻڌايو ته امير علي ابڙو ، تنوير ڀٽو ۽ نديم هوٿيپوٽو سان ٿيل نسورو ناحق ڪنهن کان به وسريو ناهي.

هنن چيو ته پوليس جي نااهلي سبب شهر ۽ ڀر پاسي ۾ ڦرون ۽ چوريون روز جو معمول بڻيل آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته معصو م ٻارن سان بدفعلي ۽ تشدد ڪندڙ جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جودائرو وڌايو ويندو ……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے