13 منگل , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو محمد خان : پوليس جي جوارين خلاف ڪارروائي، جوا هلائيندڙ گرفتار

Tando Mohammad Khan: Operations against police, jaw drivers arrested*ٽنڊي محمد خان پوليس پاران پهريون ڀيرو وڏن جوارين ۽ مين پڙي جي هول سيل تي وڪرو ڪندڙن  خلاف ڪارروائي، ڪرڪيٽ بُڪي، روزاني آڪڙا پرچي ذريعي جوا هلائيندڙن کي گرفتار ڪيو ويو .

پوليس پيرپاڙي ۾ چڙهائي ڪري ڪرڪيٽ بُڪي ذريعي جوا هلائيندڙ فاروق ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ساڳي پوليس آڪڙا پرچي ذريعي روزانو جي بنياد تي جوا هلائيندڙ وڏي مڇي فرحان قريشي کي گرفتار ڪري ورتو.

 ٻنهي وڏن جوارين تي ڪيس داخل ڪري وٽائن ليپ ٽاپ، 6 موبائل فونز، 3 آڪڙا بوڪ ۽ 30 هزار رپيا روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي.

 پوليس موجب هي ٻئي پنهنجي پنهنجي ڪرائيم ۾ علائقي جا بادشاهه بڻيل هئا. سندن لاهور ، ڪراچي، دبئي، اسلام آباد سميت وڏن شهرن ۾ رهندڙ جوارين سان تعلق آهي.

 ٻئي طرف پوليس مين پڙي جي هول سيلر قدير ميمڻ کي گرفتار ڪري وٽائنس وڏي تعداد ۾ سفينا گهٽڪو هٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے