15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: نصيرآباد : نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران سيڊ فارم جي مئنيجر خلاف احتجاج

Nashirabad: protest against Sade Farm Manager by the National Democratic Party*نصيرآباد ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران سيڊ فارم جي مئنيجر خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

پريس ڪلب آڏو دالدار، اسد الله ۽ سهراب سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ سيڊ فارم جي مئنيجير قمرالدين ڏيري جي ناانصافين خلاف ڌرڻو هنيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته مئنيجر هارين کي زرعي ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائون وياج تي ڏئي قرضي بڻائي ڇڏيو آهي.

هنن الزام هنيو ته فارم مئنيجر حڪومت سان ڪوڙ ڳالهائي 7 سئو جريبن تي ٻڌل سيڊ فارم جي اپت اڌ ڄاڻائي بچيل لکين رپيا هڙپ ڪري ڇڏي ٿو.

سندن چوڻ هو ته فارم مئنيجير جو هارين سان ظالماڻو رويو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فارم مئنيجر هٽائي هارين سان انصاف ڪن……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے