19 پیر , نومبر 2018

نواز شريف سان اڊيالا جيل ۾ پارٽي اڳواڻن جي ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان اڊيالا جيل ۾ پارٽي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملاقات لاءِ شهباز سميت شريف خاندان جي 10 ماڻهن جو نالو شامل هو، جڏهن ته 83 ماڻهن جو نالو فهرست ۾ موجود هو. نواز شريف سان جيل ۾ شهباز شريف، اياز صادق، مشاهد حسين سيد، مشاهد الله خان، پرويز رشيد، ظفر اقبال جهڳڙا، مريم اورنگزيب، خرم دستگير ۽ مائزا حميد سميت ٻين ملاقات ڪئي. ان دوران ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته ڏکيو وقت ايندو آهي ۽ هليو ويندو آهي، اسان ملڪ جي خدمت ڪئي، ماڻهن مينڊيٽ به ڏنو، جنهن تي سندن ٿورائتا آهيون. سندس چوڻ هو ته منهنجي بيماري دوران چڪاس ڪندڙ ڊاڪٽر روئي ڏنو، مان ڊاڪٽر کي چيو مون کي حالتن تي روئڻ آيو، توهان ڇو روئي رهيا آهيو. ان موقعي تي مريم نواز ن ليگ جي گرفتار اڳواڻ قمر الاسلام جي ٻارن کي چيو ته گهٻرايو نه، اسان توهان سان گڏ آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے