18 اتوار , نومبر 2018

آرمي چيف 15 دهشتگردن کي موت جي سزا منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 15 دهشتگردن کي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ ايس پي آر موجب اهي دهشتگرد هٿياربند فوجن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن سميت دهشتگردي بابت سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن، دهشتگرد تعليمي ادارن کي تباهه ڪرڻ ۽ شهرين کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث آهن، اهي 45 ماڻهن جي قتل ۽ 103 کي زخمي ڪرڻ ۾ ملوث آهي، سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو هو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته جن دهشتگردن کي موت جي سزا جي منظوري ڏني وئي آهي، انهن ۾ خيوال محمد، صدام الله، اظهار، جان باچا، شرافت علي، حبيب الله، سيد الله، زر محمد، اليف خان، مجاهد، طارق علي، اسرار احمد، ڪليم الله، محمد رحمان ۽ فياض الله شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته انهن دهشتگردن تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايو ويو ۽ سمورن دهشتگردن عدالت اڳيان پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو، ان سان گڏوگڏ وڌيڪ 6 دهشتگردن کي عمر قيد جي سزا به ڏني وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے