15 جمعرات , نومبر 2018

پ پ جو وزيراعظم لاءِ شهباز شريف کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ن ليگ اميدوار شهباز شريف کي ووٽ نه ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي چونڊ بابت پيپلز پارٽي جو اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري گڏيل طور ڪئي. اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويو ته پ پ قائد ايوان جي چونڊ جو حصو نه بڻجندي ۽ اپوزيشن اميدوار شهباز شريف جي حمايت به نه ڪندي. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته قائد ايوان جي چونڊ واري ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس کان اڳ حڪمت عملي ٺاهي ويندي. واضح رهي ته قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان لاءِ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ اپوزيشن طرفان نامزد ن ليگ صدر شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف کي پنهنجي اتحادين سبب اڪثريت حاصل آهي، جڏهن ته ايوان جي ٽين وڏي پارٽي پ پ شهباز شريف جي نالي تي خدشن جو اظهار ڪندي ڪو ٻيو اميدوار آڻڻ جي تجويز ڏني هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عافيه صديقي جي معاملي تي آمريڪا سان رابطي ۾ آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے