21 بدھ , نومبر 2018

انجلينا جوليءَ جهڙي نظر اچڻ جي جنون ايراني ڇوڪريءَ جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ اسٽار انجلينا جولي جي ايراني مداح پنهنجي آئيل جهڙو ڏسجڻ جي آڙ ۾ 50 سرجريون ڪرائي پنهنجي منهن کي خراب ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران جي 19 سالن جي ناري سحر تبر جيڪا نه رڳو پاڻ کي هالي ووڊ اسٽار انجلينا جولي جو وڏو مداح چورائي ٿي پر پنهنجي اسڪرين آئيڊيل جهڙو ڏسجڻ به چاهي ٿي ۽ ان لاءِ هن کي 50 کان وڌيڪ سرجريون ڪرائڻيون پيون. رپورٽ موجب 50 سرجرين کان پوءِ هوءَ انجلينا جولي ته نه بڻجي سگهي التب هڪ مشهور ڪارٽون ڪردار ”ڪارپس برائيڊ“ (مئل ڪنوار) ضرور بڻجي وئي جيڪا 2005 ۾ ريليز ٿيل برطانوي ۽ آمريڪي اسٽوب موشن اينيميٽڊ ميوزڪل فلم جو مشهور ڪردار هئي. هڪ انٽرويو ۾ ايراني ناري چيو ته پنهنجو وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ 4 مهينن تائين ڊائيٽ ڪئي جنهن بعد منهنجو وزن 40 ڪلو گهٽجي ويو پر 50 سرجرين کان پوءِ آئون ڏسڻ ۾ انجلينا جولي بدران مشهور ڪارٽون ڪردار ” ڪارپس برائيڊ“ جهڙي ٿي ويس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب بينڪن کان شهباز شريف جي اڪائونٽن جي تفصيل گهري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو بينڪن ۽ مالياتي ادارن کان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے