14 بدھ , نومبر 2018

عمران خان جي ويزن تي ڪنهن قسم جو سمجهوتو نه ڪبو: محمود خان

پشاور(ويب ڊيسڪ) ايوان جي نئين چونڊيل سربراه محمود خان چيو آهي ته عمران خان جي جدوجهد جا ثمر اڄ ملي رهيا آهن، انهن جي ويزن تي ڪنهن قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. تفصيل موجب خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته انشاالله سڀني سان گڏ هلنداسين، اسان کي مخالف ڌر جي به سپورٽ جي ضرورت آهي، اڄ وري چوان ٿو ته مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلنداسين. محمود خان اعلان ڪيو ته آئون سڀ کان پهرين پنهنجو تڪ کولرائڻ لاءِ تيار آهيان. عوام مينڊيٽ ڏنو آهي، اليڪشن کي نتيجن کي قبول ڪنداسين. نئين چونڊيل وڏي وزي ڪي پي جو چوڻ هو ته منهنجي لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، پارٽي سربراهه ۽ ساٿين جو ٿورائتو آهيان، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير طور جيڪي ڪجهه ڪري سگهيس ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته عمران جي جدوجهد جا ثمر اڄ ملي رهيا آهن، عمران جي ويزن تي ڪنهن قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے