19 پیر , نومبر 2018

جماعت اسلامي به شهباز شريف کي وزارت عظميٰ لاءِ ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي کان پوءِ جماعت اسلامي به وزارت عظميٰ جي لاءِ مسلم ليگ ن جي صدر ميان شهباز شريف کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. تفصيل موجب جماعت اسلامي جي مرڪزي شوريٰ فيصلو ڪيو آهي ته هو ن جي وزير اعظم لاءِ اميدوار کي ووٽ نه ڏيندي. جماعت اسلامي جي ترجمان چيو ته پارٽي جو واحد قومي اسيمبلي ميمبر مولانا عبدالاڪبر چترالي وزارت عظميٰ جي لاءِ ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏيندو. ترجمان موجب مرڪزي شوريٰ فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن سياسي پارٽي کي ڪلهو ڏيڻ بدران جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تان نظرياتي ويڙهه وڙهي ويندي.  مرڪزي شوريٰ اهو به فيصلو ڪيو آهي ته جماعت اسلامي ” احتساب سڀني جو، ڪرپشن فري پاڪستان“ مهم جاري رکندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت مس ايڊونچر جي ڪوشش ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے