19 پیر , نومبر 2018

خيبرپختونخواهه جي نامزد گورنر شاهه فرمان گورنر هائوس استعمال نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ خيبرپختونخواهه جي نئين مقرر ٿيل گورنر شاهه فرمان چيو آهي ته قبائلي عوام ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن، قبائلي علائقن جا مسئلا حل ڪنداسين، فاٽا کي به خيبرپختونخواهه جي برابر ترقي ڏينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 2013 جي اليڪشن کان پوءِ ذاتي سيڪيورٽي ناهي ورتي، وي آءِ پي ڪلچر اسان پهرين ئي ختم ڪري چڪا آهيون، گورنر هائوس کي به استعمال نه ڪندس.  هن وڌيڪ چيو ته گورنر هائوس جي ڀرسان ٻه جايون استعمال ڪرڻ جو فيصلو عمران خان ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فاٽا جي قدرتي وسيلن تي اُتان جي عوام جو حق آهي، جيڪو هنن کي ڏنو ويندو، فاٽا جي عوام کي ترقي، ٽيڪس کان ڇوٽ مهيا ڪنداسين، علائقي لاءِ هڪ سٺو پيڪيج موجود آهي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري چيو ته وزير اعظم جي رهائش وارو معاملو اڃان حتمي طور تي طئي ناهي ٿيو، وزير اعظم جي سيڪيورٽي بابت معاملا غور هيٺ آهن. فواد چوڌري چيو ته اميد آهي ته وفاقي ڪابينا عيد کان پهرين ئي حلف کڻندي، مخالف ڌر کي چئي چڪا آهيون ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جا ثبوت سامهون آڻيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت مس ايڊونچر جي ڪوشش ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے