15 جمعرات , نومبر 2018

افغان اختيارين جي سرڪاري عمارت تي حملو ڪندڙ سمورا دهشتگرد مارڻ جي تصديق

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان گهرو وزارت ڪابل جي هڪ حڪومتي اداري جي عمارت تي حملو ڪندڙ سمورن دهشتگردن کي مارڻ جي تصديق ڪئي آهي. سيڪيورٽي اختيارين موجب انٽيليجنس تربيتي سينٽر تي حملو ڪندڙ چئني دهشتگردن کي 6 ڪلاڪن جي مقابلي کانپوءِ ماريو ويو. ان دوران ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو. گهرو وزارت تي ترجمان موجب حملي ۾ نه ڪو سيڪيورٽي اهلڪار يا شهري قتل ٿيو آهي ۽ نه وري زخمي ٿيو آهي. واضح رهي ته افغانستان ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان وٺي دهشتگرد حملن ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے