18 اتوار , نومبر 2018

فضل الرحمان ۽ زرداري ۾ ملاقات، مخالف ڌر اتحاد ۾ فاصلا گهٽ ڪرڻ تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي ۽ سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ايوان جي صدر جي چونڊ کان لاتعلق رهڻ واري پيپلز پارٽي جي فيصلي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان سواءِ ملاقات ۾ مخالف ڌر اتحاد ۾ فاصلا گهٽ ڪرڻ بابت به ڳالهيون ٿيون. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي صدر جي اليڪشن بابت شروعات ڳالهيون به ڪيون ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوئيٽا ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ 3 سيڪورٽي اهلڪار شهيد، 4 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)مارگٽ ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي جي نتيجي  ۾ 3 سيڪورٽي اهلڪار شهيد، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے