13 منگل , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو ڄام: پوليس جي ڪارروائي، باندي بڻايل 12 ڄڻا آزاد

Tando Jam: 12 policemen freed on police activitiesٽنڊي ڄام ڀرسان عدالتي حڪم تي پوليس ڇاپو هڻي باندي بڻايل 12 ڄڻا آزاد ڪرائي ورتا.

حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ ڀرسان پوليس بااثر زميندار رضوان صديقي جي زرعي فارم تي ڇاپو هڻي هڪ ئي خاندان جا ناحق باندي بڻايل 12 ڀاتين کي آزاد ڪرائي ورتو.

آزاد ڪرايلن ۾ 5 عورتن ۽ ٽن ٻارڙن سميت 12 ڄڻا آهن، جن ۾ امرشي، رميش ۽ رامجي سميت ٻيا شامل آهن.

پوليس موجب سامروڪولهي جي درخواست تي عدالتي حڪم تحت هنيل ڇاپي دوارن عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 ڄڻن کي آزاد ڪرايو.

پوليس جو چوڻ هو ته آزاد ڪرايل هارين کي سامان سميت ٿاڻي آندو ويو آهي، کين سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے