22 جمعرات , نومبر 2018

سيد مراد علي شاهه ڏانهن !

سيد مراد علي شاهه صاحب! اوهان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي وڏ وزارت جو رُتبو ماڻڻ تي مبارڪ ! اوهان خوشنصيب آهيو جو جنهن سنڌ ڌرتيءَ جا حاڪم بڻيا آهيو، تنهن جو دنيا جي قدمن ۾ الڳ حيثيت ۽ مقامُ آهي، عظيم سنڌو تهذيب کي دنيا جي تهذيبن ۾ مهندار تهذيب جي حيثيت حاصل آهي، بلڪه ان کي دنيا جي تهذيبن جي ماءُ به سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جو ساکي مهين جو دڙو آهي، سنڌ تاريخي طور لاهن چاڙهن مان پئي گذري آهي ته هلائن کي پئي منهن ڏنو اٿائين ۽ هر دور ۾ سڀ ڌڪ بچائي وري به تاريخ ۾ ڪنڌ مٿي کنيو جيئندي به پئي رهي آهي ته دنيا جي لوڌن کي پاليندي به پئي رهي آهي، گهڻو پري ڇو وڃجي، سنڌ جي راڄڌاني، سنڌ جي سسي ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيل ڀانت ڀانت جي ڪاٺيءَ جو ان ڏس ۾ مثال وٺي سگهجي ٿو.

شاهه صاحب! سنڌ جي ڌڻين جي / ڌرتي ڌڻين لاءِ ان کان وڏو عذاب ڪهڙو ٿيندو جو، پنهنجي ئي سسي پنهنجي ئي ڪراچيءَ ۾ کين هر هر ان سوال کي منهن ڏيڻو پئي، ”آپ سنڌ سي آئي هو“ نه رڳو ايترو پر ننڍو کنڊ جڏهن ورهايو هيو ۽ صوفين جي هن سرزمين کي مذهبي ۽ لساني نفرت جي باهه ۾ اڇلڻ سان گڏوگڏ هن ڌرتي جي وارثن کي غير مهذب، ڄٽُ ۽ ڳنوار جي طعنن کي به منهن ڏيڻو پيو هو،

اهي طعنا جن وٽ، جڏهن دنيا ايتري قدر جو اولهه / يورپ جي ماڻهن به مهذب زندگي گهارڻ جو ڏانءُ نه سکيو هيو، کين لٽو ڪپڙو پائڻ، چوڙڻ جو ڪو سليقو ڪين هو، پنهنجي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ وڻن جا پن استعمال ڪندا هئا، جانورن جيان غمن ۾ رهندا هئا، سنڌ جي ماڻهن وٽ ان وقت به يعني اڄ کان پنج اٺ هزار سال اڳ اڄ جي بيجنگ، نيويارڪ، استنبول، پيرس ۽ شنگهائيءَ جهڙو ميٽروپوليٽن شهر مهين جي دڙي جي شڪل ۾ موجود هو.

جتي جي ماڻهن وٽ سوئمنگ به هو ته، شاندار ڪمرشل علائقو، جيڪو اڄ آر ايريا سڏجي ٿو ته ڊي ڪي ايريا جهڙو اڄوڪي ڊفينس جهڙو پوش رهائشي علائقو به ملي ٿو، سنڌ جا ماڻهو تاريخي طور پر امن رهيا آهن، جنهن جو وڏو ثبوت مهين جي دڙي مان ڪنهن به هٿيار جو هٿ نه اچڻ آهي، هن ڌرتيءَ جا ماڻهومحنتي ۽ هنرمند رهيا آهن، انهن جا وڻج واپار جي سلسلي ۾ آبي گذرگاهن، سمنڊ ۽ سنڌوءَ ذريعي خليج جي ٻين ملڪ سان شاندار تعلق به رهيا آهن، “ پر شاهه صاحب، وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اها سنڌ جنهن وٽ اونداهي دور ۾ به پنج اٺ هزار سال اڳ منهنجي دڙي جهڙو بي مثال ترقي يافته شهر موجود هو، تنهن سنڌ کي ترقيءَ جا ڏاڪا طئي ڪندو اڄ جنهن سطح تي، جنهن بلنديءَ تي هجڻ گهرجي ها، اتي رسڻ بدران ان سان ”لوڪ وهي لهنوارو، اسين اوڀارا“ واري پر ٿي آهي،

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ توڙي پوءِ به ذيادتين، حقن نه ملڻ، حق تلفيون ٿيڻ، حقن تي ڌاڙا لڳڻ باوجود سنڌ خوشحال خطو رهيو آهي، ان سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي جيڪا ۽ جنهن سطح جي ترقي ٿيڻ گهرجي ها سنڌ ڏهاڪن کان ان کان محروم آهي، ٻيو ته ٺهيو سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهو هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي موذي مرضن ۾ ورتل آهن.

سنڌ جنهن وٽ توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ جو سمورو سامان موجود آهي، مثال طور سوين ڪلو ميٽر سامونڊي پٽي، جتي هوا مان هزارين ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، شمسي توانائي مان بجلي پيدا ڪرڻ جاذريعا، اربين ٽن ڪوئلي جا ذخيرا، مطلب ته سچائي۽ ايمانداريءَ سان ڪم ٿئي ته سنڌ جي ماڻهن، خاص ڪري ڳوٺن ۾ رهندڙن، جن جي بجليءَ جي اڻهوند زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي، تن کي لوڊشينڊنگ مان نجات ڏياري سگهجي ٿي، نه رڳو لوڊشينڊنگ ختم ڪري پر وڏي تعداد ۾ بجلي پيدا ڪري ان جي آمدنيءَ مان سنڌ جي وسيلن جي تنگي ختم ڪري سگهجي ٿي.

ٽرانسپورٽ سنڌ جو ٻرندڙ مسئلو آهي، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ان ڏس ۾ ان ڪري هر ڪنهن جي ذهن ۾ آهي جو ميڊيائي ادارن جو مرڪز ڪراچي آهي، هتي جو ننڍڙو مسئلو وڏو ٻڌجي ٿو ۽ ڪراچي، ڪراچيءَ جي ميديائي شور ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جا سنگين مسئلابه دٻجيو وڃن ٿا، سستي ۽ محفوظ ٽرانسپورٽ سنڌ جي ماڻهن جو حق آهي، سرڪاري سطح تي اڳ ۾ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (ايس آر ٽي سي ) جهڙو شاندار ادارو موجود هوندو هو، جنهن هلندڙ اداري کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ بدران مورڳو ويهاريو ويو ۽ سوين بسون ئي ڪٻاڙ خاني جي ور چڙهي ويون.

ائين ٿيڻ سان سنڌ جي سمورو ٽرانسپورٽ خانگي شعبي جي حوالي ٿي ويو، جيڪي من پسند ڀاڙن ذريعي ماڻهن جو رت به چوسن ٿا ۽ عيد وغيره جهڙن اهم موقعن تي بنا ڪنهن سرڪاري منظوريءَ جي ڀاڙن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري ٿا ڇڏين، جنهن جو نزلو ڪنهن رعايت يافته طبقي تي نه پر عامُ ماڻهوءَ تي ڪِري ٿو، سو سنڌ سرڪار کي سنڌ جي ماڻهن کي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ فائيلن کان اڳتي نڪري عملي طور معياري روڊ ۽ سستي ٽرانسپورٽ به فراهم ڪري ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي تان خانگي ٽرانسپورٽرن جي هڪ هٽي به ختم ڪرائي وڃي.

”سنڌ جي معياري تعليم“ هر ڪنڊ ۽ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ٻهراڙيءَ جي صحت مرڪزن کان ويندي ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي اسپتالن تائين بيمارين جي سڃاڻپ لاءِ جديد مشينريءَ واريون ليبارٽريون قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن هلڪي ڦلڪي بيماريءَ لاءِ به ماڻهن کي وڏن شهرن جا چڪرڪاٽڻا نه پون. سنڌ ۾ ٿاڻو ڪلچر سڌاري اهڙو بڻائڻ جي ضرورت آهي، جتي ٿاڻا وڪامجن نه پر عوام جي خدمت جي لاءِ ڏوهن جي خاتمي جي علامت طور سڃاپجن.

”سائين منهجا! سنڌ کي مالي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ سياحت جي شعبي کي هنگامي بنيادن تي ترقي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. ڪراچيءَ کان بدين تائين سوين ڪلو ميٽر سامونڊي پٽي شاندار تفريحي ماڳ ۾ تبديل ڪري ٿي سگهجي. ڪراچي کان ڪُتي جي قبر تائين کير ٿر جابلو سلسلي ۾ الائي.جي ڪيترا تفريحي ماڳ قائم ڪري ٿا سگهجن. ڇا گورک کي ترقي ملڻ سان سنڌ جي سياحت پر ڪشش نه بڻجندي؟ گورک، ورهيه گذري ويا آهن جو ترقيءَ جو منتظر آهي، جنهن کي هنگامي بنيادن تي ترقي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ فيملي پارڪ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن ماڻهن کي گهر اڳيان تفريح جو سامان ميسر ٿي سگهي.

سنڌ ۾ راندين، خاص ڪري روايتي ۽ ثقافتي راندين کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. جيڪي قومون پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي وساري ٿيون ويهن يا ان جو تحفظ نه ٿيون ڪن، سي تاريخ جي ڌَز ۾ لَٽجي وڃن ٿيون، گم ٿي وڃن ٿيون، سنڌ جي ثقافت کي، سنڌي ٻوليءَ کي وڌ کان وڌ ترقي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، اوهان جو والد صاحب، مرحوم سيد عبدالله شاهه صاحب به، جڏهن سنڌ جي وڏ وزارت جي منصب تي ويٺو هو ته هن سنڌ جي مفادن جو تحفظ پنهنجو نصب العين بڻائي ڇڏيو هو، سو سائين مراد شاهه صاحب ! اوهان به اهڙي سنڌ اڏي تاريخ ۾ پنهنجو پاڻ کي  اَمرَ ڪري وڃو، جنهن سنڌ جا شهر کنڊرن جو نه پر ترقي يافته شهر هئڻ جو ڏيک ڏين، جتي ماڻهو ڳڀي لاءِ محتاجُ نه هجن، جتي جي رهواسين کي صحت، تعليم ۽ تفريح جون معياري سهولتون سندن ويجھو موجود هجن. سنڌ اڄ جي ترقي يافته دور سان ٺهڪندڙ ترقي چاهي ٿي ۽ اميد ته اوهان ان ڏس ۾ ضرور رات ڏينهن محنت ڪري سنڌ جي ماڻهن کي ترقي يافته سنڌ ڏيندا.

جمعو 17 آگسٽ 2018ع، 5 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سمنڊ ۾ غرق ٿيندڙ سنڌ ۽ سرڪار جو اعتراف

گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ هجڻ ڪري سنڌ گهڻ طرفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے