19 پیر , نومبر 2018

مخالف ڌر اتحاد عملي طور ختم، پ پ جو شهباز شريف کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) پ پ قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ن ليگ اميدوار شهباز شريف کي ووٽ نه ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي چونڊ بابت پيپلز پارٽي جو اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري گڏيل طور ڪئي. اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويو ته پ پ قائد ايوان جي چونڊ جو حصو نه بڻجندي ۽ اپوزيشن اميدوار شهباز شريف جي حمايت به نه ڪندي. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته قائد ايوان جي چونڊ واري ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس کان اڳ حڪمت عملي ٺاهي ويندي.هوڏانهن پ پ جي فيصلي بعد مجلس عمل جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پ پ جي اسيمبلي ۾ ووٽ نه ڏيڻ واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ن ليگ کي وزارت عظميٰ جي اميدوار بابت اڳ ئي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته جيڪڏهن انهن پنهنجو اميدوار تبديل نه ڪيو ته اسان پنهنجو فيصلو ڪنداسين.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪجهه مهينن ۾فوڊ اٿارٽي جي ڪاررواين ۾ تيزي ايندي : مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے