15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ڪرمپور: بجاراڻي – تيغاڻي خوني تڪرار ، 20 ورهين جي  نوجوان سان غير انساني عمل…..

Karampur: Fighting between two communities, young boy of 20 age died*ڪرمپور  ويجهو  هٿياربندن 20 ورهين جي  نوجوان کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو .

ڳوٺ الاهي بخش بجاراڻي ۾ نوجوان الهه وڌايو  بجاراڻي کي اغوا ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪري سندس لاش اڇلائي فرار ٿي ويا .

  تيغاڻي ۽ بجاراڻي برادري ۾ هلندڙ پراڻي  تڪرار تان تيغاڻي برادري جي هٿياربندن ڳوٺ الاهي بخش بجاراڻي تي ڪاھ ڪري ٻني تي ڪم ڪندڙ نوجوان الهوڌايو بجاراڻي کي اغو ڪيو

ڳوٺاڻن پاران  هٿيار بندن جو پيڇو ڪيو ويو، هٿياربندن ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾  فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن دوران هٿياربندن  مغوي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري  فرار ٿي ويا.

مارجي ويل نوجوان جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو .

هوڏانهن واقعي بعد بجاراڻي برادري ۽ ڀرپاسي جي سوين ماڻهن  پاران ڳوٺ الاهي بخش وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج

پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج رپورٽ : …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے