16 جمعہ , نومبر 2018

هٿ نه ملائڻ تان انٽرويو رد ڪرڻ وارو معاملو؛  مسلم عورت ڪمپني خلاف ڪيس کٽي ورتو

Interroot refuses from handling the hand; The case was taken against the Muslim womanسوئيڊن(ويب ڊيسڪ) هڪ مسلمان عورت هٿ نه ملائڻ تي نوڪري وارو انٽرويو رد ڪندڙ ڪمپني خلاف ڏنڊ جو ڪيس کٽي ورتو.برطانوي خابرو اداري بي بي سي موجب 24 ورهين جي فرح الحجته جڏهن نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ وئي ته انٽرويو وٺندڙ مڙد کيس هٿ ملائڻ جي آڇ ڪئي. ان موقعي تي فرح انٽرويو وٺندڙ شخص سان هٿ ملائڻ بجاءِ سيني تي هٿ رکي خير مقدمي وارن جملن جي ڏي وٺ ڪئي هئي، جڏهن ته  ان ڳالهه تي سندس انٽرويو رد ڪيو ويو هو. بعد ۾ فرح ڪمپني خلاف سوئيڊن جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هو مان پنهنجي مذهب موجب هلنديس، منهنجي مذهب ۾ اڻ ڄاڻ مڙد سان هٿ ملائڻ جي اجازت ناهي ۽ جيڪڏن ڪو ان کان روڪي ته اها انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. بي بي سي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي فرح ٻڌايو ته ان واقعي سبب کيس تمام گهڻو ڏک پهتو پر کيس الله تي پورو يقين هو جيڪو تمام گهٽ ماڻهن وٽ هوندو آهي. ٻئي پاسي سوئيڊن جي عدالت ڪمپني جي کنيل قدم کي عورت خلاف امتيازي سلوڪ قرار ڏيندي فرح کي ڏنڊ طور 4 هزار 350 ڊالرن جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته مڙد ۽ عورت جو هٿ ملائڻ يورپ ۾ روايت جو حصو آهي، ٻئي پاسي امتيازي سلوڪ خلاف قانون سازي تحت پڻ ڪمپني کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو ويو آهي هو مڙد ۽ عورت ۾جنسي مٿڀيد نه رکن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

18-year boy abducted, killed in Pulwama

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران نوجوان کي اغوا کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو

سرينگر (ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ 18 ورهين جي نوجوان کي سادا ڪپڙا پهريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے