16 جمعہ , نومبر 2018

پي سي بيءَ جي حوالي سان پريزنٽيشن جي تياري شروع

Starting a presentation with PCB regarding presentationاسلام آباد(اسپورٽس نيوز) بين الصوبائي رابطن واري وزارت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سمورن معاملن تي گڏيل پرزينٽيشن جي تياري جي شروعات ڪري ڇڏي. نئين حڪومت جوڙڻ بعد جتي وڏن ادارن ۾ تبديلين واري موسم اچڻ واري آهي، اتي ئي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي تبديلي جون خبرون پڻ اچي رهيون آهن، بين الصوبائي رابطن واري وزارت بورڊ ۾ ٿيندڙ فيصلن، پاڪستان سپر ليگ ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان سمورا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. لا ڊويزن جي آفيسرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نامزد وزيراعظم عمران خان پاڻ به ڪرڪيٽر رهي چڪو آهي، ان ڪري بين الصوبائي راطن واري وزارت  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي بهتر انداز ۾ هلائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ خود مختيار ادارو آهي ۽ پنهنجي وسيلن مان ڪم ڪندو آهي، آئين جي تحت سمورن اسپورٽس فيڊريشن کي مستقبل وزارت جو حصو بڻائڻ لاءِ پي سي بي کي پاڪستان اسپورٽس سان گڏ ڳنڍيو ويو آهي. پيٽرن ان چيف جي چارج سنڀالڻ بعد وزيراعظم پي سي بي جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس طلب ڪرڻ جي هدايت ڏيندا، ان کانپوءِ نئون چيئرمين چونڊيو ويندو. ياد رهي ته پي سي بي هن وقت 965 ملازم آهن، انهن مان 407 ريگولر، 212 ڪانٽريڪٽ، 2 آفيسر ڊيپوٽيشن، 253 ريجنل اسٽاف موجود آهن، نيئن سيٽ اپ ۾ اهو انگ پڻ گهٽايو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي، پي ايس ايل جي ٽائٽل اسپانسر جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ  (پي ايس ايل) جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے