12 بدھ , دسمبر 2018

گهرو سريز جو شيڊول: پي سي بي جون پريشانيون گهٽجڻ لڳيون

The homepage version: The PCB troubles started reducingڪراچي(اسپورٽس نيوز) هوم سريز جي شيڊول تي پي سي بي جون پريشانيون گهٽ ٿيڻ لڳيون. پاڪستان کي آڪٽوبر ۾ يو اي اي ۾ آسٽريليا جي ميزباني ڪرڻي آهي، جنهن نيوزيلينڊ جي اي ٽيم پڻ يو اي اي پهچندي، جڏهن ته شارجه ۾ افغان ليگ ٿيڻي آهي، جنهن بعد نيوزيلينڊ سان ميچن دوران ٽي ٽين ليگ جو ٻيو ايڊيشن پڻ شيڊول آهي. انهن ئي تاريخن ۾ انگلينڊ لائنز کي پاڪستان اي سان مقابلي لاءِ يو اي اي اچڻو آهي، پي سي بي کي ان سبب تيارين ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو هو پر هاڻ ان جو حلو ڳوليو ويو آهي.  ذريعن موجب نيوزيلينڊ اي سان پاڪستان اي جي ميچون آءِ سي سي اڪيڊمي دبئي ۾ کيڏي ويندي، اتي پاڪستاني جونيئر ٽيم اڳ به کيڏي چڪي آهي، جڏهن اهو وينيو آئرلينڊ، افغانستان، يو اي اي، اسڪاٽ لينڊ ۽ ٻين عالمي ون ڊي ميچن جي ميزباني جو پڻ اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي. انگلينڊ لائنز  سان پاڪستان اي جي سريز ابوظهبي جي اول گرائونڊ تي ٿيندي جنهن ڪجهه عرصو اڳ اپ گريڊ ڪيوويو آهي هاڻ اتي فلڊ لائٽس پڻ لڳايو ويون آهن. پاڪستان جي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ سان ٽيسٽ ميچون انهن ڏينهن ۾ کيڏي ويندي جڏهن يو اي اي ليگن جي ميزباني ڪري رهي هوندي، پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي اڳ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ميچن دوران امارات ۾ ڪا به ليگ نه ٿي سگهندي پر ٽيسٽ ميچن دوران اهو ممڪن آهي.  ياد رهي ته آسٽريلوي ٽيم پاڪستان سان 2 ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪيويز سان 3 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ مقابلو ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

On disposal costs, All-rounder Professor Hafiz Chip who broke the road

اسٽين کان نٿو ڊڄان، تنقيد ڪندڙن کي ڪارڪردگي سان جواب ڏيندس: پروفيسر

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر آل رائونڊر محمد حفيظ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے