21 بدھ , نومبر 2018

همايون سعيد خوش ناهي، مداحن لاءِ پريشاني واري خبر اچي وئي، اهڙو ڇا ٿيو آهي؟

Humayun Saeed is not happy, news about the trouble for the fans has come, so what?ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪار همايون سعيد چيو آهي ته عيدالضحيٰ تي هڪ ئي وقت 3 پاڪستاني فلمون ريليز ٿيڻ سبب خوش ناهيان. عيدالضحيٰ تي مقامي سينمائن ۾ ٽه فلمون ريليز ٿي رهيون آهن جن ۾ همايون سعيد جي ”جواني ڦر نهين آني 2“ حمزا علي عباسي جي” پرواز هي جنون ۽ فهد مصطفيٰ ۽ مهوش حيات جي” لوڊ ويڊنگ“ شامل آهن.  اهي ٽئي وڏي بجيٽ جون فلمون آهن جن جو مداحن بي چيني سان انتظار ڪري رهيا آهن جڏهن ته همايون سعيد ٽئي فلمون هڪ ئي وقت ريليز ٿيڻ تي خوش ناهي.  همايون سعيد ويجهڙائي ۾ ئي ڏنل انٽرويو ۾ پنهنجي فلم” جواني ڦر نهين آني 2“ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته هن فلم جي ڪهاڻي اتان کان شروع ٿئي ته جتي فلم” جواني ڦر نيهن آني“ جي ڪهاڻي ختم ٿي هئي، پر ان ڀيري فلم۾ اڳ  کان وڌيڪ ڪاميڊي ۽ ڊرامو شامل آهي جيڪو ڏسندڙن کي پسند ايندو. همايون سعيد چيو آهي ته ايمانداري سان چيو وڃي ته ٽنهي فلمن جي  هڪ ئي وقت ريليز ٿيڻ تي خوش ناهيان ڇاڪاڻ تي ٽنهي فلمن جي هڪ ئي وقت ريليز ٿيڻ جو اثر بزنس تي پوندو ۽ اها ئي ڏک جي ڳالهه آهي، پر هاڻ جڏهن فلمون ريليز ٿي رهيو آهن ته مان اميد ڪيان ٿو ته اهي ٽئي فلمون مداحن کي پسند اينديون. واضح رهي ته هدايتڪار نديم بيگ جي فلم” جواني ڦر نهين آني 2“ ۾ اداڪار همايون سعيد، فهد مصفطيٰ ، احمد بٽ، واسع چوڌري، ماورا حسين، ڪبريٰ خان ۽ ثروت گيلاني شامل آهن فلم عيدالضحيٰ تي ريليز ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاليا ڀٽ پنهنجي شاديءَ جو انتظار ڪندڙن کي مايوس ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ پاڻ کي 25 سالن جي ٻڌائيندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے