20 منگل , نومبر 2018

نيوز: گمبٽ: 6 ڏينهن اڳ مبينا بدفعلي بعد قتل ڪيل نينگر …

Gambat: Protest for the arrest of Murderer* گمبٽ ۾ 6 ڏينهن اڳ مبينا بدفعلي بعد قتل ڪيل نينگر جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ ۽ ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪرڻ  لاءِ سماجي تنظيمن ۽ وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو .

سول سوسائٽي جي ماڻهن   زاهد ڄامڙو، نعمت شيخ، ظهور ڪوري، حسن ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نينگر بلاول ڪوري کي وحشي جوابدارن  حوس جو نشانو بڻائڻ بعد بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.

 هنن چيو ته واقعي کي 6 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪابه اڳڀرائي ناهي ڪئي ۽ گرفتار  جوابدارن کي ٿاڻي اندر مهمان بڻائي ويهاريو آهي .

 هنن ٻڌايو ته اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران 6 ڏينهن گذرڻ باوجود ميڊيڪل رپورٽ به جاري نه ڪيئ وئي آهي .

 هنن مطالبو ڪيو ته ميديڪل رپورٽ جاري ڪري جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے