18 اتوار , نومبر 2018

باليوووڊ جي جهنگلي ٻلي جي مڱڻي واري تقريب،  وڏا وڏا نالا شرڪت نه ڪندا، نالا سامهون اچي ويا

Balloons wild balloon cup of fake balls, will not attend long namesممبئي(شوبزنيوز) پريانڪا چوپڙا جي مڱڻي واري تقريب ۾ باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ ايشوريا راءِ  سميت ڪيترن ئي فنڪارن جي شرڪت نه ڪرڻ جا امڪان آهن. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ آمريڪي اداڪار ۽ راڳي  نڪ جونز گذريل مهيني ڳجهي نموني مڱڻي ڪري چڪا آهن ۽ هاڻ 18 آگسٽ مڱڻي جي باقاعدا تقريب منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ شرڪت لاءِ نڪ جونس پنهنجي والدين سميت ممبئي پهچي چڪو آهي.  ميڊيا جي رپورٽن موجب پريانڪا جي مڱڻي جي تقريب ۾ باليووڊ جي ڪيترن ئي  فنڪارن کي دعوت ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه فنڪار اهڙا آهن جن جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ جا امڪان آهن جن ۾باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ جا نالا سرفهرست آهن.  شاهه رخ خان پريانڪا چوپڙا جي وچ ۾ ويجهڙائن واريون خبرون ڪنهن کان به لڪل ناهن، ماضي ۾ ٻئي هڪ ٻئي جي تمام گهڻو ويجهو هئا، پر شاهه رخ خان جي گهرواري گوري خان جي وچ ۾ پوڻ بعد ٻنهي پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا هئا پر شاهه رخ خان جي دل ۾ اڄ به پريانڪا چوپڙا لاءِ ڪٿي نه ڪٿي اهو پيار  موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو پريانڪا جي مڱڻي واري تقريب ۾ شاهه رخ خان شرڪت نه ڪندو. ايشوريا راءِ بچن ۽ پريانڪا چوپڙا جا لاڳاپا پڻ ٺيڪ ناهن، ويجهڙائي ۾ ئي ايشوريا جو مڙس اڀيشيڪ بچن سندس چوڻ تي پريانڪا سان پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، انڪري ان تقريب ۾ ايشوريا راءِ جي شرڪت تي پڻ ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن. اها ڳالهه فلمي مداحن لاءِ حيران ڪندڙ هوندي ته ماضي ۾ شاهد ڪپور ۽ پريانڪا چوپڙا جي وچ ۾ لاڳاپا رهيا بعد ۾ ٻنهي پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا، ان کانپوءِ ٻئي هڪ ٻئي کي نظرانداز ڪندا رهيا، اهو ئي سبب آهي جو شاهد ڪپور به پريانڪا چوپڙا جي مڱڻي واري تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو. پريانڪا چوپڙا ۽ دپيڪا پڊڪون جي وچ ۾ سرد جنگ کان پوري باليووڊ انڊسٽري واقف آهي انڪري ڀارتي ميڊيا موجب دپيڪا پڊڪون پڻ سڀاڻي ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت نه ڪندي. باليووڊ جي چاڪيلٽي هيرو ۽ پريانڪا جي وڇ ۾ ڪو به اختلاف ناهي پر رنبير ڪپور هن وقت پنهنجي فلم ”براهمسترا“ جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ پرڏيهي ملڪ ۾ موجود آهي انڪري هو پريانڪا جي خوشين ۾ شريڪ نه ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Justin Bieber Creates Instagram Account For New Clothing Line, Follows Only Himself

جسٽن بائيبر  ماڊل هيلي هيلڊوين سان شادي ڪري ڇڏي

اوٽاوا( شوبز نيوز ) ڪئينادا جي پاپ راڳي جسٽن بائيبر اسنٽاگرام پوسٽ ذريعي آمريڪي ماڊل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے