19 پیر , نومبر 2018

عمران خان پاڪستان جو 22 هون وزير اعظم چونڊجي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ملڪ جو 22 هون وزير اعظم چونڊجي ويو. وزير اعظم جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي جتي ايوان جي سربراهه جي چونڊ لاءِ راءِ شماري ٿي جنهن ۾ پاڪستنا تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان 176 ووٽ کنيا جڏهن ته شهباز شريف کي 96 ووٽ مليا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اجلاس جي آغاز ۾ ميمبرن کي ايوان جي سربراهه جي چونڊ جي طريقيڪار بابت آگاهه ڪيو ۽ ميمبرن کي هدايت ڪئي ته جيڪي ميمبر عمران خان جي حق ۾ ووٽ وجهڻ چاهن ٿا ته اسپيڪر جي ساڄي پاسي لابي ۾ وڃن ۽ جيڪي شهباز کي ووٽ ڏيڻ چاهن ٿا ته اُهي اسپيڪر جي کاٻي پاسي لابي ۾ هليا وڃن جنهن بعد ميمبر پنهنجي پنهنجي لابي ۾ هليا ويا. راءِ شماري جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته وزارت عظميٰ جي چونڊ ۾ عمران خان 176 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته شهباز شريف کي 96 ووٽ مليا ۽ اهڙي ريت عمران خان ملڪ جو نئون وزير اعظم چونڊجي ويو.

ليگي ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي نعريبازي:

عمران خان جي ڪاميابي جو اعلان ٿيندي ئي مسلم ليگ ن جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن به وزير اعظم عمران خان جا نعري هنيا. اسپيڪر هر هر سڀني کي خاموش رهڻ جي تاڪيد ڪندو رهيو پر مخالف ڌر ميمبرن هڪ نه ٻڌي ۽ نعريبازي ڪندا رهيا، ان موقعي تي اسيمبلي ۾ هل رهيو.

بلاول ڀٽو ايوان مان هليو ويو:

اسپيڪر خورشيد شاهه کان نعريبازي ڪندڙ ميمبرن کي خاموش ڪرائڻ جي درخواست ڪئي جنهن بعد خورشيد شاهه بلاول ڀٽو سان ڳالهيون ڪيون، بلاول ڀٽو شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان بعد پارٽي چيئرمين سان گڏ پ پ جا سمورا ميمبر ايوان مان هليا ويا.

پ پ چونڊ ۾ حصو نه ورتو، ن ليگ کي پرچائڻ جي ڪوشش ناڪام:

چونڊ عمل جي موقعي تي پيپلز پارٽي جي ميمبرن چونڊ عمل ۾ حصو نه ورتو ۽ هو پنهنجي سيٽن تي ويٺا رهيا جڏهن ته جماعت اسلامي جي ميمبر مولانا عبدالاڪبر چترالي به پنهنجي سيٽ تان نه اٿيو. ن ليگ طرفان پيپلز پارٽي کي پرچائڻ جي هڪ ٻي ڪوشش ڪئي وئي، شهباز شريف پاڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سيٽ تي ويو ۽ هن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي جاويد مرتضيٰ عباسي سميت ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا پر شهباز شريف جي ڪوشش ناڪام وئي.  ليگي ميمبرن بلاول ڀٽو کان شهباز شريف جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي پ پ چيئرمين معذرت گهري. وزارت عظميٰ جي ٻه اميدوارن عمران خان ۽ شهباز شريف سميت پيپلز جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شيخ رشيد سميت ٻيا ميمبر اسيمبلي هال ۾ موجود آهن.

عمران خان جو تاڙين سان استقبال:

تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايوان ۾ پهتو ته مهمان گيلري ۾ موجود ماڻهن بيهي تاڙيون وڄايون جڏهن ته ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن نعريبازي ڪئي. وزارت عظميٰ جو ٻيو اميدوار شهباز شريف ڪاري پٽي ٻانهن تي ٻڌي ايوان ۾ پهتو ته هن سڀني سان هٿ ملائڻ شروع ڪيو، ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي سيٽ تي بيٺي رهيو ۽ اڳتي وڌي شهباز سان هٿ ملايو.

مهمان گيلري ۾ ڀڃ ڊاهه:

وزير اعظم جي چونڊ جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ مهمانن جو وڏو انگ گيلري ۾ اچي ويو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جو وڏو انگ شامل آهي، مهمان جي گيلري رش جي ڪري بند ڪئي وئي. مهمانن جو وڏو انگ پريس گيلري ۾ گهڙي ويو جن کي صحافين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀڃ ڊاهه ٿي، صحافين سان هٿين پوڻ ۾ ڀڃ ڊاهه ٿي.

مرتضيٰ جاويد جو گيلري ۾ موجود ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جو مطالبو:

قومي اسيمبلي جو جلاس شروع ٿيو ته مسلم ليگ ن جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي پنهنجي سيٽ تي اُٿي بيٺو ۽ اعتراض واري نقطي تي چيو ته اڄ پهرين ئي ڏينهن ايوان جو تقدس پامال ٿيو. مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته اڃا ته وزير اعظم حلف کنيو ئي ناهي، ماڻهو گيلرين ۾ گهڙي آيا آهن انهن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي. بعد ۾ خورشيد شاهه به اعتراض واري نقطي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي صورتحال گيلرين ۾ ڪڏهن به ناهي ڏٺي. قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته اهم شخصيتون هتي موجود آهن، الله نه ڪري ڪو حادثو ٿي سگهي ٿو، هتي پهرين به حادثا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته گيلرين ۾ بيٺل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي.

جڏهن ميچ فڪس هجي ته سينچري ڪيئن بڻائينداسين؟ شهباز:

ان کان اڳ شهباز شريف جي اسيمبلي آمد جي موقعي تي صحافي ساڻس سوال ڪيو ته ڇا توهان سينچري مڪمل ڪندا؟ ان تي ن ليگ جي صدر چيو ته جڏهن ميچ فڪس هجي ته سينچري ڪيئن بڻائينداسين؟

خورشيد شاهه ۽ اياز صادق جي هڪ ئي گاڏي ۾ آمد:

خورشيد شاهه ۽ اياز صادق هڪ ئي گاڏي ۾ پارليامينٽ هائوس پهتا جنهن تي صحافي سوال ڪيو ته اڄ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي هڪ ئي گاڏي ۾ آهي، ان تي اياز صادق چيو ته شاهه صاحب سان 2002 کان رشتو آهي، اڻ ٽُٽُ رشتو آهي، سياست پنهنجي جاءِ تي ۽ اهو رشتو پنهنجي جاءِ تي آهي.

عمران خان جي مختصر ڳالهه ٻولهه:

عمران خان جي پارليامينٽ آمد جي موقعي تي صحافين هن سان کان سوال ڪيا ۽ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميچ اڃان ختم ناهي ٿي، ميچ جاري آهي، خواب اڃان پورو ناهي ٿيو، هڪ مرحلو پورو ٿيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي سوال تي پي ٽي آءِ جي چيئرمين ٻڌايو ته پارليماني پارٽي جي اجلاس بعد پنجاب جي وڏي وزير جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو.

چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جمهوري حق آهي: بلاول:

پيپلز پارٽي چونڊ عمل ۾ حصو ناهي ورتو ۽ ان جا ميمبر پنهنجي سيٽن تي ويٺا رهيا. پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ پهتو ته ميڊيا نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چي ته پيپلز پارٽي چونڊ عمل جو حصو نه بڻجندي ۽ چونڊ عمل ۾ حصو نه وٺڻ اسان جو جمهوري حق آهي. اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي ۾ چيف جسٽس جي فيصلي تي مطمئن آهيون: طاهر القادري

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے