15 جمعرات , نومبر 2018

خيبرپختونخواهه جي گورنر اقبال ظفر جڳهڙا  استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. اقبال ظفر جڳهڙا جو پريس ڪانفرنس ڪندي چوڻ هو ته جمهوريت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. هن چيو ته ان کان اڳ آئون اي آر ڊي جو سيڪريٽري جنرل هيس ۽ اي آر ڊي جمهوري نظام جي قيام ۾ اهم ڪردار ڪيو هو. هن چيو ته پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪري ڇڏي آهي ۽ استعيفيٰ منظور جي لاءِ ملڪ جي صدر ڏانهن موڪلي وئي آهي. ڪي پي ڪي جي گورنر جو چوڻ هو ته گهڻين سنجيده حالتن ۾ ۾ عهدو سنڀاليو هو، ملٽري آپريشنز جو سلسلو 70 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو هو. هن چيو ته آپريشن ضرب عضب سان قبائلي علائقن ۾ امن قائم ٿيو، بي گهر ماڻهن جي واپسي ۽ بحالي سڀ کان وڏو چيلينج هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب، 11نقطائي ايجنڊا تيار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے