18 اتوار , نومبر 2018

بلاول جو اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پارليماني ڪميشن جو مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پارليماني ڪميشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم جي چونڊ بعد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ڏسي رهيا آهيون ته نئن چونڊيل وزير اعظم پنهنجي 100 ڏينهن واري پروگرام تي ڪيئن ٿو عمل ڪري. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان قرضن ۾ ٻڏل آهيون، اسان جي معيشت رڳو ڪجهه ماڻهن لاءِ ته بهتر آهي ته باقين کي ڪو به فائدو ناهي ملندو. پ پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان چيو هو هو آءِ ايم ايف نه ويندو پر اسان ڏسڻ چاهيون ٿا ته هو ان جو ڪهڙو متبادل ٿو ڏئي. هن چيو ته اسان يقين رکون ٿا ته حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرائيندي. هن وڌيڪ چيو ته نئين چونڊيل وزير اعظم کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان ته هو ڪنهن خاص پارٽي جو نه پر سڄي پاڪستان جو وزير اعظم آهي. هو انهن جو به وزير اعظم آهي جن کي هو زندهه لاش ۽ گڏهه چوندو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبي جي عوام کي بنيادي سهولتن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڄام ڪمال

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته بلوچستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے