14 بدھ , نومبر 2018

ڪرپشن خلاف جهاد جو اعلان ڪيو، ملڪ جو ڦريل پيسو واپس آڻبو: چوڌري سرور

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي نامزد گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪرپشن جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو آهي، ملڪ کي ڦريل پيسو واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ عمران خان جي وزير اعظم چونڊجڻ بعد لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي واڌايون پيش ڪيان ٿو ته اڄ قومي اسيمبلي عمران خان کي وزير اعظم چونڊي ورتو آهي. جيڪو خواب قائد اعظم ڏٺو هو هاڻ ان جي تعبير جو وقت اچي ويو آهي، اڄوڪو ڏينهن تاريخي ڏينهن آهي، عمران خان ان ڏينهن جي لاءِ طويل جدوجهد ڪئي آهي. چوڌري سرور جو چوڻ هو ته هي ملڪ 20 ڪروڙ عوام جو آهي اشرافيه جو ناهي، ڪجهه ماڻهو ملڪن جي وسيلن تي قبضو ڪري رکيو هو ملڪ جا وسيلا هاڻ غريبن تائين پهچائينداسين. ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ خوشحالي آڻينداسين، ملڪ ۾ ترقي آڻينداسين ۽ بي روزگاري کي ختم ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے