14 بدھ , نومبر 2018

رپورٽ: ڪراچي : پ پ ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي پاران عوامي آواز ميڊيا گروپ جي آفيس جو دورو

Karachi Visits of the Awami awaz Media Group by P.P. Tanzeela qambraniمخصوص سيٽ تي چونڊيل پ پ ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي عوامي آواز ميڊيا گروپ جي آفيس جو دورو ڪيو، سندس چوڻ آهي ته بدين ۽ ٺٽي ۾پاڻي کوٽ سبب سمنڊ روزانو زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، پاڪستان جي زمين بچائڻ لاءِ انڊس ڊيلٽا تائين پاڻي پهچايو وڃي.

عوامي آواز ميڊيا گروپ جي آفيس جي دوري دوران پنهنجا ويچار ونڊيندي تنزيلا قمبراڻي جو چوڻ هو ته هو پٺتي پيل علائقن ۾عورتن جي ڀلائي توڙي غريب عوام کي روزگار ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺندي.

هڪ سوال جي جواب ۾تنزيلا قمبراڻي چيو ته انڊس ڊيلٽا ۾پاڻي کوٽ سبب سبب روزانو سمنڊ بدين، ٺٽي ۽ سجاول ضلعي جي  زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، ڊئم ٺاهڻ پاڻي کوٽ جي مسئلي جو حل ناهي، هو وفاقي حڪومت کي اپيل ڪري ٿي ته سنڌو ۾پاڻي ڇڏي انڊس ڊيلٽا کي بچايو وڃي…….

بدين ۽ ماتلي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾سندس چوڻ هو ته هو هنن لانگ ٽرم ۽ شارٽ ٽرم جا پلان جوڙيا آهن، جن ۾شارٽ ٽرم ۾بدين ۽ ماتلي جي بيوٽيفڪيشن، اسپتال ۾ او ٽي کي فعال بڻائڻ جڏهن ته لانگ ٽرم ۾ ننڍيون صنعتون قائم ڪرڻ آهي……

تنزيلا قمبراڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو تعليم جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪم ڪندا، پ پ اڳ به تعليم لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻ به ڀرپور ڪوششون وٺندي……

هڪ سوال جي جواب ۾هن چيو ته چونڊن ۾پ پ خلاف ڪيتريون ئي سازشون ٿيون جن کي عوام ناڪام بڻايو آهي، هو چاهين ٿا ته وفاق ۾پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجو 100 ڏينهن وارو ٽارگيٽ پورو ڪري…

پاڻي کوٽ جي حوالي سان تنزيلا قمبراڻي چيو ته بدين جا رهواسي هڪ ڏينهن پيئڻ جي پاڻي لاءِ احتجاج ڪن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن سمنڊ جو پاڻي کين ٻوڙي ڇڏي ٿو، وفاقي حڪومت اهڙي صورتحال جو سختي سان نوٽيس وٺي پاڪستان جي زمين سمنڊ هيٺ اچڻ کان بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے