12 پیر , نومبر 2018

رپورٽ: مٺي : ٿر ۾ڏڪار واري صورتحال، علائقو آفت سٽيل قرار ڏئي واهر جو مطالبو

Mithi: The situation in Thar should be demanded for the region's declared disasterقدرتي وسلين سان مالا مال ٿرپارڪر جا رهواسي ڏڪار واري صورتحال سبب هزارين مسئلن جو شڪار ۽ لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ٿر پارڪر جي ڊي سي علائقي کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي.

وسڪارو نه ٿيڻ سبب مال جو چارو کٽي وڃڻ ڪري ٿري بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن.

ٻئي پاسي خووراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻارڙن جي فوتگين جو سلسلو به رڪجي ناهي سگهيو.

هلندڙ مهيني ۾28 جڏهن ته سال ۾383 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن پر سرڪار رهواسين جا ڪا به سار ناهي لڌي.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي رهواسين جو چوڻ آهي ته ٿر ۾ وسڪارو نه ٿيڻ ڪري ڏڪار واري صورتحال آهي.

مال جو چارو کٽي وڃڻ ڪري هو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته معصوم ٻارڙا پڻ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي مري رهيا آهن……..

ٻئي طرف ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال بابت صحافي مبارڪ ڀٽي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار علائقي کي آفت سٽيل قرار ڏئي ماروڙن جي واهر ڪري…..

هوڏانهن ٿرپارڪر جي ڊي سنڌ سرڪار سان رابطو ڪري علائقي کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي.

ڊي سي ٿرپارڪر ضلعي جي 165 ديهن مان 160 ديهن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ لاءِ سمري بورڊ آف ريونيو جي سينيئر ميمبر ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته ٿر ۾ڏڪار واري صورتحال جو نوٽيس وٺي سندن واهر ڪئي وڃي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | نوابشاهه: سخي ڄام ڏاتار جي ميلي ۾ ثقافتي گهوڙن جي ڊوڙ

رپورٽ | نوابشاهه: سخي ڄام ڏاتار جي ميلي ۾ ثقافتي گهوڙن جي ڊوڙ

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے