22 جمعرات , نومبر 2018

عمران خان پنجاب جي وڏي وزير لاءِ سردار عثمان بوزدار جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي وڏي وزير لاءِ سردار عثمان بوزدار جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان سوشل ميڊيا جي ذريعي سردار عثمان کي پنجاب جي وڏي وزير جو اميدوار نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سردار عثمان پنجاب جي ان علائقي مان آهي جيڪو سڀ کان پٺتي پيل آهي، اُتي نه ماڻهن وٽ پيئڻ جو پاڻي آهي نه بجلي آهي ۽ نه ئي اسپتال آهن. سردار عثمان بوزدار ڊيرا غازي خان جي قبائلي علائقي بارٿي سان تعلق رکي ٿو، هو قبائلي سردار فتح محمد خان بوزدار جو وڏو پٽ آهي. عثمان بوزدار 2013ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ ن جي ٽيڪٽ تي حصو ورتو هو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت طرفان مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ق ليگ جو وفاق ۾ حصو وڌائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے