12 پیر , نومبر 2018

نيوز: ڪڍڻ: آرڊي42 ۾ ٺھيل ٿر ۽ بدين جي سوين ڳوٺن کي  ڳنڍيندڙ پل ڌماڪي سان ڪري پئي

Kadhan: Bridge pulled down with a big explosion*ڪڍڻ  ويجهو  ڍورو پراڻ آئوٽ فال ڊرين   جي آرڊي42 ۾ ٺھيل ٿر ۽ بدين جي سوين ڳوٺن کي  ڳنڍيندڙ پل ڌماڪي سان ڪري پئي ٿر ۽ بدين جي عوام جو  ٻين شهرن سان  رابطو ڪٽجي ويو  آهي.

 ڳوٺاڻن پل ۾ ناقص مٽرييل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار  قاضي فيصل خلاف احتجاجي مظاهرو   ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ڳوٺاڻن حاجي ڪاروخان  لاشاري ، محمد هاشم لاشاري،  عبدالزاق لاشاري،  گل حسن کوسو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾  مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته 2009۾  جڙي راس ٿيل پل  اٺن سالن بعد  ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن ڪري هنن جي آمدرفت ھاڻي بدين ضلعي ڏانهن مشڪل بڻجي ويئي آھي.

  هنن چيو تھ    ضلعي  مٺي جا سمورا شھر  هنن کان 60 کان 70 ڪلوميٽر کان وڌيڪ پري پون ٿا

ڳوٺاڻن چيو ته پل تي لاڳت اڍائي کان ٽي ڪروڙ روپيا اچي چڪي آھي جيڪي پئسا پاڻي ۾ هليا ويا.

تهنن چيو تھ علقي ڏيپلي جي سوين ڳوٺن کي ڳنڊيندڙ پراڻ سم نالي جي 42 آرڊي تي ڪجهه سال اڳ جڙندڙ ٽي ڪروڙ جي لاڳت سان پل ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن ڪري سوين ڳوٺن  جنهن ۾ مراد لاشاري، ڏٻيري ، ڪوپرو،  دودو لاشاري ، پاٽار،  لنڊ مهراڻي ، ابوبڪر لاشاري،  سموندڙو ، ٽنڊو نيازي سميت سوين ڳوٺن يونين ڪوئونسل ساروڙو جي سوين ڳوٺن جو رابطو مڪمل ڪٽجي ويو آھي .

ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه  کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽِس وٺي ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | نوابشاهه: سخي ڄام ڏاتار جي ميلي ۾ ثقافتي گهوڙن جي ڊوڙ

رپورٽ | نوابشاهه: سخي ڄام ڏاتار جي ميلي ۾ ثقافتي گهوڙن جي ڊوڙ

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے