21 بدھ , نومبر 2018

عمران وزيراعظم چونڊجي ويو، قومي اسيمبلي ۾ گوڙ، ملڪ کي قرضي بڻائيندڙن جو احتساب ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ٻاويهون وزيراعظم بڻجي ويو، هن ملڪ کي لٽيندڙن جي ڪڙي احتساب جو اعلان ڪيو آهي. عمران جي چونڊجڻ بعد ايوان ۾ گوڙ مچي ويو. نواز ليگ سخت احتجاج ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ملڪ جو 22 هون وزير اعظم چونڊجي ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان 176 ووٽ کنيا جڏهن ته شهباز شريف کي96 ووٽ مليا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اجلاس جي آغاز ۾ ميمبرن کي ايوان جي سربراهه جي چونڊ جي طريقيڪار بابت آگاهه ڪيو ۽ ميمبرن کي هدايت ڪئي ته جيڪي ميمبر عمران خان جي حق ۾ ووٽ وجهڻ چاهن ٿا ته اسپيڪر جي ساڄي پاسي لابي ۾ وڃن ۽ جيڪي شهباز کي ووٽ ڏيڻ چاهن ٿا ته اُهي اسپيڪر جي کاٻي پاسي لابي ۾ هليا وڃن جنهن بعد ميمبر پنهنجي پنهنجي لابي ۾ هليا ويا. راءِ شماري جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته وزارت عظميٰ جي چونڊ ۾ عمران خان 176 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته شهباز شريف کي 96 ووٽ مليا ۽ اهڙي ريت عمران خان ملڪ جو نئون وزير اعظم چونڊجي ويو.عمران خان جي ڪاميابي جو اعلان ٿيندي ئي مسلم ليگ ن جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن به وزير اعظم عمران خان جا نعرا هنيا. اسپيڪر هر هر سڀني کي خاموش رهڻ جي تاڪيد ڪندو رهيو پر ميمبرن هڪ نه ٻڌي ۽ نعريبازي ڪندا رهيا، ان موقعي تي اسيمبلي ۾ هل رهيو.اسپيڪر خورشيد شاهه کان نعريبازي ڪندڙ ميمبرن کي خاموش ڪرائڻ جي درخواست ڪئي جنهن بعد خورشيد شاهه بلاول ڀٽو سان ڳالهيون ڪيون، بلاول ڀٽو شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان بعد پارٽي چيئرمين سان گڏ پ پ جا سمورا ميمبر ايوان مان هليا ويا.چونڊ عمل جي موقعي تي پيپلز پارٽي جي ميمبرن چونڊ عمل ۾ حصو نه ورتو ۽ هو پنهنجي سيٽن تي ويٺا رهيا جڏهن ته جماعت اسلامي جي ميمبر مولانا عبدالاڪبر چترالي به پنهنجي سيٽ تان نه اٿيو. ن ليگ طرفان پيپلز پارٽي کي پرچائڻ جي هڪ ٻي ڪوشش ڪئي وئي، شهباز شريف پاڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سيٽ تي ويو ۽ هن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي جاويد مرتضيٰ عباسي سميت ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا پر شهباز شريف جي ڪوشش ناڪام وئي.  ليگي ميمبرن بلاول ڀٽو کان شهباز شريف جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي پ پ چيئرمين معذرت گهري. چونڊجڻ بعد ايوان کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، چونڊ عمل کي ٺيڪ ڪنداسين، ڌانڌلي جو گوڙ ڪندڙ اليڪشن ڪميشن يا سپريم ڪورٽ ڏانهن وڃن اسان کين نه روڪينداسين پر جهڙي طرح جي به جاچ چاهيندا اسان تعاون ڪنداسين، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان ڌانڌلي جي خلاف ڌرڻا ڏين، ڪنٽينر، کاڌو ۽ ڪارڪن اسان فراهم ڪنداسين، اڄ تائين مون کي ڪو بليڪ ميل نه ڪري سگهيو ۽ نه آئنده ڪري سگهندو، پارليامينٽ کي بااختيار بڻايو ويندو، نوجوانن کي ملڪ جي اندر نوڪريون ملنديون، هر مهيني ٻه ڀيرا وزيراعظم جي سوالن واري وقفي ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندس. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ قائدايوان چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ عمران خان چيو ته هو اڄ الله تعاليٰ ۽ پنهنجي قوم جو ٿورو ادا ڪري ٿو جنهن کيس ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ جو موقعو ڏنو جنهن جو قوم 70 سالن کان انتظار ڪري رهي هئي، هن چيو ته هو پنهنجي قوم سان واعدو ڪري ٿو ته هو اهڙي تبديلي آڻيندو جنهن لاءِ هو سڪي رهي هئي، هن چيو ته هاڻي سڀ کان پهرين ملڪ ۾ سخت احتساب ڪرڻو آهي ۽ جنهن ماڻهن ملڪ کي ڦريو ۽ قرضي بڻايو انهن کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو، هن چيو ته هي اهو به واعدو ڪري ٿو ته ڪنهن ڦورو کي اين آر او نه ملندو، 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ هو هتي پهتو آهي، ڪنهن فوجي يا آمر جي حمايت سان نه پر پنهنجي پيرن تي بيٺل رهيا آهيون، هن چيو ته جيڪي ماڻهو قوم جو پئسو چوري ڪري ۽ اسان جي ٻارن جو مستقبل برباد ڪري پئسو ٻاهر کڻي ويا انهن کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريندس، هن چيو ته آئون جدوجهد ڪري هتي پهتو آهيان، نه منهنجو والد پهرين سياست ۾ هو نه منهنجو سياسي پس منظر هو، هن چيو ته مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته قائداعظم محمد علي جناح اهو اڳواڻ هو جنهن 40 سالن تائين جدوجهد ڪئي ۽ مون 22 سالن جي جدوجهد ڪئي آهي،ا هو منهنجو آئيڊيل آهي، هن چيو ته ڦريل پئسو واپس آڻيندس. پارليامينٽ کي بااخيتار بڻايو ويندو، هر مهيني ٻه ڀيرا وزيراعظم جي سوالن واري وقفي ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندس، هن چيو ته ملڪ جو 10 سالن ۾ قرضو 6 هزار ارب روپين مان وڌي 28 هزار ارب روپين تائين پهچايو ويو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ ۾ اسان بحث ڪنداسين جيڪو پئسو تعليم، اسپتالن، صاف پاڻي، اعليٰ تعليم، علم تي ٻڌل معيشت، عدالتي ۽ معاشي انصاف تي خرچ ٿيڻو هو اهو ماڻهن جي کيسن ۾ ويو آهي، انهن سان ڇا ڪرڻو آهي؟، هن چيو ته اسان پنهنجي قوم کان پئسو گڏ ڪنداسين ته جيئن ٻاهر ڪنهن قوم جي سامهون اسان کي جهڪڻو نه پوي، عمران خان چيو ته نوجوانن جي ڪري اڄ هو هتي بيٺل آهي، جيڪڏهن نوجوان نه نڪرن ها ته اسان ان مقام تي نه پهچون ها، خاص طور تي نوجوانن جو ٿورائتو آهيان، انهن جو مستقبل ٺيڪ ڪندس ۽ کين ٻاهر نه وڃڻو پوندو، هن ملڪ ۾ کين نوڪريون ملنديون. هن چيو ته اڄ جيڪي ماڻهو گوڙ ڪري رهيا آهن منهنجو انهن کان سوال آهي ته 2013ع جي اليڪشن کانپوءِ چار تڪ اسان کولڻ جو مطالبو ڪيو هو پر انهن گوڙ ڪندڙن اهي چار تڪ به نه کولرايا ۽ اسان کي اڍائي سال لڳي ويا، عدالتن ۾ وڃڻو پيو ۽ جيڪي چار تڪ کولرايا ويا انهن ۾ به بي ضابطگيون ڏٺيون ويون. هن وقت جي حڪومت انهن بي ضابطگين کي درست ڪرڻ جي لاءِ ڇو قدم نه کنيو ۽ بي ضابطگيون ڪندڙن جو احتساب ڇو نه ڪيو، جيڪڏهن هو احتساب ڪري وٺن ها ته اڄ حالتون مختلف هجن ها، عمران خان چيو ته اسان انهي معاملي تي 126 ڏينهن ڌرڻو ڏنو، عدالتي ڪميشن جي رپورٽ موجب اڍائي ڪروڙ بيلٽ پيپرز گم ها، ڇو نه ان وقت جي حڪمرانن ۽ ذميدارن ان تي ايڪشن نه ورتو، جيڪڏهن هو ايڪشن وٺن ها ته اڄ چونڊ عمل ٺيڪ ٿي وڃي ها، عمران خان چيو ته مون تي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هجڻ جو الزام لڳايو ويو آهي، ڪرڪيٽ جي 250 سالن جي تاريخ ۾، آئون اهو ڪپتان آهيان جنهن جي ڪري نيوٽرل ايمپائر ان راند ۾ آيا ۽ اڄ انهي نيوٽرل ايمپائرز سبب هاريندڙ ۽ کٽيندڙ ٻئي انهن جي فيصلن کي قبول ڪندا آهن، هن چيو ته اسان چونڊ عمل کي به اهڙو بڻائينداسين ان سان به هاريندڙ ۽ کٽيندڙ ٻئي قبول ڪندا.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجند مان سنڌو ۾ ڇوڙ بند، پنجاب جي تڪراري ٽي پي لنڪ مان کڻت

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو ) تربيلا ۽ منگلا ڊيم مان روزانو هڪ کان 2 فٽ  پاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے