22 جمعرات , نومبر 2018

وزيراعظم عمران خان پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو، گارڊ آف آنر پيش

Imran Khan took the oath of the 22th Prime Minister's country

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عمران خان پاڪستان جي 22 هين وزيراعظم جي عهدي جو قسم کڻي ورتو. ايوان صدر ۾ ٿيل قسم کڻڻ واري تقريب  کان اڳ قومي ترانو پيش ڪيو ويو، جنهن بعد سيڪريٽري ڪابينا صدر مملڪت کان تقريب شروع ڪرڻ جي اجازت طلب ڪئي. قسم کڻڻ  جي تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي جنهن بعد صدر ممنون حسين عمران خان کان وزيراعظم جي عهدي جو قسم ورتو. قسم کڻڻ بعد وزيراعظم عمران خان قسم  نامي جي دستاويزن تي صحيح ڪئي. تقريب ۾ شرڪت لاءِ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو، اڳوڻو ڪرڪيٽر وسيم اڪرم، اداڪار جاويد شيخ، پنجاب جو نامزد گورنر چوڌري محمد سرور ۽ٻيا پهتا. وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ 1992 جي عالمي ڪپ جي فاتح قومي ستارن کانسواءِ ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو پڻ شرڪت ڪئي. نوجوت سنگهه سڌو عمران خان جي حلف برداري تقريب ۾ خاص طور تي پاڪستان آيو آهي. قسم کڻڻ واري تقريب کانپوءِ وزيراعظم عمران خان کي پاڪ فوج پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ٽنهي هٿياربند فوجن جي دستي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم هائوس آمد تي عملي سان سندس تعارف ڪرايو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے