18 اتوار , نومبر 2018

عورتن کي اڪثر اڌمٿي ۾ سور ڇو هوندو آهي؟             

Why does women usually have a peak in half an inch?ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مڙدن جي مقابلي ۾ عورتن کي وڌيڪ اڌ مٿي ۾ سور هوندو آهي ۽ هاڻ سائنسدانن ان جو حل ڳولي ورتو آهي. ڏهاڪن کان سائنسدانن پريشان هئا ته آخرڪار اهو ڪهڙو سبب آهي جو مڙدن جي مقابلي ۾ 3 سيڪڙو وڌيڪ عورتون ان تڪليف ڏيندڙ سور جو شڪار ٿينديون آهن. هاڻ اسپيس ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ ان جو جواب سامهون آيو آهي ۽ امڪان آهي ته ان سان مريضن جي علاج ۾ مدد ملي سگهندي. ڏهاڪن تائين ان حوالي سان سامهون ايندڙ طبي مقالون جي تجزيو ڪندڙ محققن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته حقيقت ۾ مختلف هارمونز عورتن ۾ ان بيماري جو سبب بڻجنداآهن. Migual hernAndez يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ايسٽروجن سميت مختلف هارمونز ۽ اڌ مٿي جي سور جي وچ ۾ تعلق جو پتو لڳايو . انهن شاهدين کي ليبارٽري ۾ آزمايو ويو ۽ اهو پتو پيو ته اهي هارمونز اهڙا خليات کي متاثر ڪندا آهن جيڪي مٿي ۽ پٺن جي چوڌاري هوندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مائيگرين جو سور اڀرندو آهي. محققن جو چوڻ آهي ته عورتن ۾ ايسٽروجن وڌيڪ مقدار کين ان سور جو وڌيڪ شڪار بڻائيندو آهي. ٻيا هارمونز جهڙوڪ پروليڪٽن اڌ مٿي جي سور کي وڌيڪ بدتر بڻائيندا آهن جڏهن مڙدن ۾ هڪ هارمون ٽسٽوسيٽرون ان سور کان بچائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. محققن جو چوڻ آهي ته مائيگرن جي حوالي سان مخصوص هارمونز جي ڪردار جي تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. پر ڪنهن حد تائين اهو واضح ٿي چڪو آهي ته ايسٽروجن ئي ان تڪليف ڏيندڙ سور شڪار بڻائيندو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے