16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: بدين : ٺيڪيدار پاران تعليم کاتي جي عملدارن خلاف نئب ۾ڪيس داخل  ڪرڻ جو اعلان

Badin: Contractor Announces Newbie Initiative against Education Officers*بدين ۾ٺيڪيدار عبدالسلام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ايجوڪيشن کاتي جي عملدارن خلاف نئب ۾ڪيس داخل  ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ايوان صحافت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالسلام ميمڻ الزام هنيو آهي ته ايجوڪيشن ورڪس کاتو بدين مڪمل طور ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي، من پسند ٺيڪيدار کي اڳواٽ ئي ڪروڙين رپيا جاري ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته ايجوڪيشن ورڪس بدين ۾ مقرر انجنيئر تسليم رضا جي اصل پوسٽنگ ٽنڊي محمد خان ٿيل آهي، پر سياسي اثر تحت ايڊيشنل چارج وٺي غيرقانوني طور ڪميشن 5 مان 10 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ سنواريون پروگرام ,ڪيڊيٽ ڪاليج بدين , ماروي گرلس ڪاليج بدين ۽ ان جي ھاسٽل سميت ٻيون ترقياتي اسڪيمن جا اڳواٽ پئسا جاري ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته مقامي ٺيڪيدارن کي مختلف ڪمن تي رُلائي کين وقت تي ادائيگيون به نٿيون ڪيون وڃن، جنهن سبب ٺيڪيدار سخت پريشان آهن……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے