13 منگل , نومبر 2018

مني لانڊرنگ ڪيس: سپريم ڪورٽ جو سمورن جوابدارن کي ايف آءِ اي جي سامهون پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ مني لانڊرنگ پاڻمرادي ڪيس جي لکت واري حڪم نامي ۾ سمورن نامزد جوابدار کي فيڊرل انويسٽي گيشن ايجنسي ( ايف آءِ اي) جي سامهون پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪوڙن بينڪ اڪائونٽن جي ذريعي مني لانڊرنگ پاڻمرادي ڪيس جو لکت وار حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب جي آءِ ٽي جوڙڻ بابت ايندڙ ٻڌڻي تي فيصلو ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ حڪم نامي ۾ نامزد جوابدارن کي ايف آءِ اي جي سامهون پيش ٿيڻ جو چيو آهي جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 28 آگسٽ تي ٿيندي.   سپريم ڪورٽ علي ڪمال مجيد، مصطفيٰ ذوالقرنين مجيد ۽ نمر مجيد جا نالا به اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪڳم آهي جڏهن ته انور مجيد ۽ غني مجيد جا نالا پهرين ئي اي سي ايل ۾ موجود آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے