14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد : آر او پلانٽ آپريٽرن پاران 3 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

Hyderabad: Anti-Rio operatives not meet payponed for 3 months*حيدرآباد ۾ آر او پلانٽ آپريٽرن پاران  3 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو آپريٽرن رشيد ساند، لال بخش لغاري  ۽ اياز شورو سميت ٻين پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي آپريٽرن چيو ته هو 8 سالن کان قاسم آباد جي مختلف ڳوٺن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاف پاڻي جو منصوبي ۾ آپريٽر طور ڪم ڪري رهيا آهن، کين ٽن مهينن کان پگهار ناهي ملي.

هنن چيو ته ڪمپني بنا جواز ٽن مهينن کان پگهارون بند ڪري سندن ٻچن کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

سندن چوڻ هو ته پنج هزار روپين جي پگهار تي 24 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي ٿو، پر کين پنهنجو حق به نٿو ڏنو وڃي.

هنن واٽر ڪميشن سربراهه سميت ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ٽن مهينن جون رهيل پگهارون ڏياري انصاف ڪن………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے