18 اتوار , نومبر 2018

ڪراچي ۾ ڦورن سان مقابلو: پوليس اهلڪار ٻارڙي جي موت جو ذميوار قرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ جي سائوٿ ڊفينس ۾ ٿيل پوليس مقابلي ۾ ٻارڙي کي گولي لڳڻ جو ذميوار پوليس اهلڪار کي قرار ڏئي ڇڏيو. ڊي آءِ جي سائوٿ چيو ته پوليس طرفان جوابدارن تي فائرنگ ڪئي وئي پر گولي ٻارڙي کي وڃي لڳي. سندس چوڻ هو ته مقابلي ۾ اهلڪار فائر نه ڪري ها ته ان سندس پنهنجي موت اچي پئي سگهي، اهلڪار جي فائرنگه سبب جوابدار به مارجي ويو. هن چيو ته پوليس اهلڪار طرفان هلايل گولي جي ڪري ٻارڙي مارجي وئي، فائرنگ سبب ٻارڙي جي مارجڻ وارو واقعو افسوس جوڳو آهي.  پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اهلڪار جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين پاڪستان جي نالي تي پراڻي پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جورستو روڪينداسين: بلاول

گلگت( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے