13 منگل , نومبر 2018

نيوز: مٺي : پ پ ايم اين اي مهيش ملاڻي جو پرسنل سيڪريٽري چندر شرما قتل

Mithi: Former Secretary charma Sharma was murdered*مٺي ۾ پ پ ايم اين اي مهيش ڪمار ملاڻي جي پرسنل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي پ پ ضلعي ترجمان چندر شرما کي جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

فقير صادق چوڪ وٽ دڪان تي ويٺل چندر شرما تي جوابدارن سڌيون گوليون هلائي کيس سخت زخمي ڪيو، جنهن بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو.

چندر شرما جي قتل واقعي بعد مٺي ۽ اسلام ڪوٽ شهر مڪمل طور بند ٿي ويا،سوين پ پ ڪارڪ مٺي ۾ گڏ ٿي ويا.

ذريعن موجب عمرڪوٽ واسي انيل ڪڇي کي پوليس جوابدار طور گرفتار ڪري ورتو آهي.

هوڏانهن ايس ايس پي ٿرپارڪر عمران قريشي جو چوڻ هو ته جوابدار جي گرفتاري بابت ڪابه صداقت ناهي.

ٻي پاسي وڏي وزير سنڌ سيد مرادعلي شاھ واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 چندر شرما جي قتل جي مذمت ڪئي آهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري،فريال ٽالپر ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت ٻين چندر شرما جي قتل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جوابدارن کي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي،………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے