15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ڊگهڙي : جهڏي واسڻ عورت ڌيءُ سميت تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهتي

Dighri: Woman to marry Woman in the press for protection including daughter*ڊگهڙي ۾جهڏي واسڻ عورت ڌيءُ سميت تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهتي.

جهڏي جي اسلم ٽائون واسڻ گل بستان جروار پنهنجي ڌيءُ گل شادان سان پريس ڪلب پهچي اڳوڻي مڙس ۽ ڌيءُ جي ساهرن جي ظلم خلاف دانهيو.

گل بستان دانهيو ته سندس اڳوڻي مڙس مير خان جروار سندس نياڻي جي 90 هزار رپين عيوض رحمت الله سان شادي ڪرائي، جنهن بعد رحمت الله ۽ مائٽن سندس ڌيءُ تي روزانو تشدد ڪيو.

هن چيو ته سندس نياڻي تشدد کان تنگ اچي وجهه وٺي وٽس پناهه ورتي آهي، جنهن تي سندس ساهرا کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ساڻن ظلم ٿيو آهي، ۽ هو غير محفوظ آهن، سندن ڪير به نٿو ٻڌي.

عورت ۽ سندس نياڻي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته تشدد ڪندڙ نياڻي جي ساهرن ۽ سندس اڳوڻي مڙس خلاف ڪارروائي کين تحفظ ڏين…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : 653 شاگردن ۾ شوز ورهايا ويا

ميرپورخاص ويجهو ڪوٽ غلام محمد شهر جي قائداعظم ايليمينٽري ڪيمپس اسڪول ۾ 653 شاگردن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے