17 ہفتہ , نومبر 2018

جيتري محبت کڻي آيس ان کان وڌيڪ کنيو پيو وڃان: سڌو

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو چيو آهي ته عمران خان پنهنجي پهرئين خطاب ۾ ڀارت طرف جيڪي ٻه قدم وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اهو بيان پنهنجي اندر گهڻو ڪجهه سمائي ويو، سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي، ڪشمير ڪائونسل جي اڳوڻي ميمبر چوڌري حميد پوٺي جي گهر رميز راجا، سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻين سان گڏ پرهجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نوجوت سنگهه سڌو چيو ته هو جيڪا محبت کڻي آيو هئس ان کان سئو ڀيرا وڌيڪ محبت کڻي وڃي رهيو آهيان، پنجاب دريائن جي سرزمين آهي، ٻه هيڏانهن ٻه هوڏانهن آهن، راوي هتي به آهي هُتي به آهي، هن ان موقعي تي گذريل رات پنهنجي لکيل پنجابي ۾ پنج دريائن جي حوالي سان نظم به پڙهي ٻڌايو، نوجوت سنگهه سڌو چيو ته لاهور امرتسر گڏيل شهر هئا، هن چيو ته پاڪستان جي باري ۾ جيڪو تاثر آهي ان کي بدلائڻ جي عمران خان صلاحيت رکي ٿو، عمران خان پنهنجي پهرين خطاب ۾ ڀارت ڏانهن جيڪي ٻه قدم واڌئڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، هي بيان پنهنجي اندر گهڻو ڪجهه سمائي ڇڏيو، هي اسان جو فرض آهي ته واپس وڃي پنهنجي حڪومت سان رابطو ڪري ان کي قائل ڪريون ته هو پهريون قدم وڌائي، مون کي اميد آهي ته هو ضرور هڪ قدم وڌائيندا، نوجوت سنگهه سڌو چيو ته جيڪڏهن ٻئي پنجاب پنهنجا بارڊر کولي ڇڏين ته 6 مهينن ۾ 60 سالن جي برابر ترقي ٿي سگهي ٿي.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے