17 ہفتہ , نومبر 2018

سانگهڙ ويجهو هٿياربندن هٿان هاءِ اسڪول جو استاد گوليون هڻي قتل

سانگهڙ( ڊ ر) سانگهڙ ڀرسان منگلي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند گجري هاءِ اسڪول جي استاد کي قتل ڪري ڇڏيو، غلام اڪبر ملاح پنهنجي ڳوٺ کان ڊيوٽي تي هاءِ اسڪول گجري وڃي رهيو هو ته 2 چڪ پٺاڻ وٽ سندس تاڙ ۾ ويٺل هٿياربند کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا، علائقي جي ماڻهن استاد اڪبر ملاح کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو، زخمي اسپتال پهچڻ کان دم ڌڻي حوالي ڪيو، ان موقعي تي ملاح برادري جي اڳواڻ ۽ مقتول جي سوٽ علي ڏني ملاح ٻڌايو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، سوٽ کي نا حق قتل ڪيو ويو آهي، غلام اڪبر ملاح گجري هاءِ اسڪول ۾ سائنس جو استاد هو، هن چيو صبح ساڍي اٺين وڳي روڊ تي رش هوندي آهي، واقعو تمام ڏکوئيندڙ آهي، ظلم ٿيو آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي. ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي منگلي  حد جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ڪيس داخل ڪيو آهي،  هوڏانهن استادن جي تنظيم گسٽا اڳواڻن رستم علي نظاماڻي چيو ته واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، استاد جو قتل تعليم دشمني آهي، پوليس چوويهه  ڪلاڪن ۾ قاتل گرفتار نه ڪيا ته سڀاڻي هر يونٽ ۾احتجاج ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے