18 پیر , فروری 2019

نيوز |اسلام ڪوٽ: آر او پلانٽ بند ڪرڻ خلاف گڏھ گاڏن وارا روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو

Islamkotاسلام ڪوٽ ۾ آر او پلانٽ جي ملازمن کي  پگهارون نه ملڻ  ۽ پاڻي بند ڪرڻ خلاف گڏھ گاڏن وارا روڊن تي نڪري آيا.

ملازمن خير محمد خاصخيلي، شوڪت بجير، درمحمد بجير، يامين بجير، ايسو بجير ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ گڏھ گاڏا ٽائون موڙ تي بيهاري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون.

احتجاج ڪندڙن چيو ته اڍائي مهينا گذري ويا آهن عيد به اچي ويئي آهي،آر او پلانٽس جي سوين ملازمن جون پگهارون ناهن ٿيون.

گڏھ گاڏين تي پاڻي ڀري  سفر گذر ڪندڙ پورهيتن چيو ته اسين پاڻي ٽانڪي تان ڀري شهر ۾ وڪرو ڪندا آهيون اڄ اهو پاڻي به بند ڪيو ويو آهي.

هنن چيو تھ آر او پلانٽس جي ملازمن جون پگهارون جاري ڪيون وڃن ته انهن جا ٻچا عيد ڪري سگهن.

مظاهرين چتاءُ ڏنو تھ   مطالبا منظور نه ٿيا ته  احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڏيجي: رمشا قتل ڪيس ۾ جرڳو ڪنهن ڪيو؟ نيٺ ڦاٽ ڦاٽي پيو…..

رمشا قتل ڪيس ۾ جوابدار اظهار وساڻ خلاف فتويٰ ڏيڻ جي الزام هيٺ آيل بشير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے