18 اتوار , نومبر 2018

عمران خان جي آزمائش جي شروعات

پاڪستان جي 13- هين پارليامينٽ لاءِ وزير اعظم چونڊڻ جو عمل گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جي وزيراعظم ٿيڻ بعد مڪمل ٿي ويو، عمران خان کي وزيراعظم چونڊجڻ لاءِ 172 ووٽن جي ضرورت هُئي ۽ هُن 176 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته وزير اعظم جي ٻئي اميدوار مسلم ليگ (ن ) جي اڳواڻ شهبازشريف کي 96 ووٽ مليا، پيپلز پارٽي پارليامينٽ جي ايوان ۾ وزير اعظم جي ٿيل چونڊ واري عمل کان واڪ آئوٽ ڪري پاڻ کي پري رکيو، جنهن بعد عمران خان جي هارائڻ جو آخري امڪان به ختم ٿي ويو، عمران خان ملڪ جو 22-هون وزير اعظم چونڊجي ويو.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ هاڻوڪي وزير اعظم عمران خان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز هڪ ڪرڪيٽر جي طور تي شروع ڪيو ۽ هُن پنهنجي ڪرڪيٽر طور تي به جيڪا زندگي گذاري اها تمام گهڻي شاندار ۽ ڪامياب زندگي هُئي، ايتري قدر جو هُن پاڪستان لاءِ ورلڊ ڪپ پڻ حاصل ڪيو، پنهنجي ڪرڪيٽ جي ڪيريئر کي خدا حافظ چوڻ بعد هُن جهڙوڪر پنهنجي باقي زندگي سياست کي ارپي ملڪ کي بي انتها ۽ عميق بحرانن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ وقف ڪئي جنهن بعد هُن اڄ کان ٻاويهه سال اڳ تحريڪ انصاف جو بنياد وڌو ۽ سياسي جدوجهد جي شروعات ڪئي جيڪا انتهائي پر پيچ ۽ پر خطر رهي، هُن پنهنجي سياسي زندگيءَ ۾ ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا ۽ سفر کي جاري رکيو جيڪو سندس وزير اعظم ٿيڻ واري عمل سان مڪمل ٿيو،

سوال هي نه آهي ته عمران خان وزير اعظم ٿي ويو آهي، پر ملڪ جي موجوده ڳنڀر حالتن ۽ عمران خان جي واعدن جي پس منظر ۾ سوال هي آهي ته عمران خان چونڊن کان اڳ پنهنجي سياسي زندگي توڙي جو چونڊن کان اڳ ڪيل پنهنجن واعدن کي نڀائي به سگهندو يا نه…… ڇو جو ملڪ جون حالتون جيتريون هن وقت سنگين آهن، ايتريون اڳ نه هيون.

پر ملڪ جي هاڻوڪي سياسي پسمنظر توڙي پارليامينٽ جي هاڻوڪي اجلاس کي ڏسنداسين ته اها حقيقت معلوم ڪري انتهائي افسوس ٿيندو ته پارليامينٽ ۾ چونڊجي آيل ميمبرن ۾ سياسي بالغ پڻي جهڙي ڳالهه انتهائي گهٽ نظر آئي، جڏهن ته وزير اعظم جي چونڊجڻ وقت پڻ سياسي جماعتن جو جيڪو مثبت سياسي طرز عمل هجڻ گهرجي ها اهو به ڏسڻ ۾ نه آيو، وزير اعظم جي چونڊ پڻ روايتي طور تي ٿيندڙ سياسي منافقي ۽ سازش جي پس منظر ۾ ٿيندي نظر آئي، مٿي ذڪر ڪيل سموريون ڳالهيون اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته ملڪ جو سياسي منظر نامو غيريقينيءَ واري فضا تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ مثبت تبديلي اچڻ جي ڪافي ضرورت آهي.

عمران خان جي ملڪ جي ٻاويهين وزير اعظم ٿيڻ واري تقريب ۾ ملڪ جون اعلى شخصيتون چيئرمين جوائنٽ چيفس آف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات ۽ ٽنهي هٿيار بند فوجن جا سربراهه، چئني صوبن جا نگران وزير اعلى، سياسي اڳواڻ، ڏيهي ۽ پرڏيهي مهمان موجود هيا، ان سان گڏ ٻين خاص مهمانن جو پڻ هڪ چڱو موچارو انگ موجود هو، خاص مهمانن ۾ عمران خان جي گهرواري بشرى مانيڪا پڻ موجود هُئي،

عمران خان وزير اعظم ٿيڻ بعد 20 ميمبرن تي ٻڌل وفاقي ڪابينا جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزير، فواد چوڌري وزير اطلاعات، پرويز خٽڪ وزير دفاع، فروغ نسيم وزير قانون، شيخ رشيد وزير ريلوي ۽ خالد مقبول وزير انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي نامزد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وفاقي ڪابينا جي مڪمل چونڊ ۽ حلف برداريءَ جي تقريب جلد ئي ٿيندي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي وزير اعظم چونڊجڻ ۽ سندس پاران ويهن ميمبرن تي ٻڌل وفاقي ڪابينه جي اعلان کانپوءِ هاڻي ڪنهن به سياسي افراتفري جو ڪو جواز نه ٿو رهي، پر هاڻي هر ڏينهن ۽ هر قدم هڪ اهڙي عمل جي تقاضا ڪري رهيو آهي جيڪو ملڪ جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ وقف هُجي.  عمران خان جي حڪومت ۽ سندس ڪابينا کي جيڪي ملڪي مسئلا ۽ مامرا چيلنيج ٿي سامهون اچي رهيا آهن، انهن ۾ ملڪ ۾ مسلسل رهندڙ توانائيءَ جو بحران، پاڻيءُ جي کوٽ، وفاق جي چئني ايڪائن وچ ۾ مختلف معاملن تي ڇڪتاڻ، ۽ چئني ايڪائين جو ڪيئي معاملن ۽ مامرن ۾ وفاق تي عدم اعتماد، ملڪ جي تباهه حال معيشت، روپئي جي قدر ۾ ايندڙ گهٽتائي، ملڪ ۾ وڌندڙ غربت، ڪرندڙ تعليمي معيار، صحت جا تباهه حال ادارا، امن امان جي صورتحال، سرحدن تي ڇڪتاڻ جهڙي صورتحال جهڙا مسئلا شامل آهن. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪرپشن جو معاملو عمران خان حڪومت لاءِ مٿي ذڪر ڪيل مڙني معاملن ۽ مامرن کان وڌيڪ اهم، سنگين ۽ شديد آهي جنهن کي فوري طور ۽ مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسين سمجهون ٿا ته عمران خان جي وزير اعظم ٿيڻ کانپوءِ سندس ۽ سندس سياسي ساٿين ۽ ڪابينا جي اصل آزمائش جي هاڻي شروعات ٿي آهي، سياسي ميدان ۾ ڳالهيون ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ ته ڪنهن حد تائين آسان آهي پر اصل ڪم آهي اقتدار ۾ اچي انهن سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جن جي حل لاءِ وعدا پئي ٿيندا رهيا آهن، هن ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن هن دفعي عمران خان تي ويساهه ڪري کيس وزير اعظم جي عهدي تائين پهچايو آهي جو عوام سمجهي ٿو ته عمران خان هن ملڪ ۽ ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، هن ملڪ جي عوام، هن ملڪ جي ادارن ۽ هن ملڪ جو مستقبل جهڙوڪر عمران خان جي هٿ ۾ آهي، اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.

اسين هتي اهو به سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان جيڪڏهن ملڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿو ٿئي ته ايندڙ وقت هن ملڪ لاءِ ڪو گهڻو چڱو نه هوندو.

آچر 19 آگسٽ  2018ع، 7 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے