16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز |مٺي: قتل ٿيل چندر شرما جو اگني سنڪار  ، لاش گهران کڻڻ وقت قهرام مچي ويو

Mithiمٺي ۾ قتل ٿيل چندر شرما جو اگني سنڪار ڪيو ويو،لاش گهران کڻڻ وقت قهرام مچي ويو.

سوين جيالا لاش کي چنبڙي ويا ۽ اوڇانگرون ڏيندا رهيا چندرجي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.

چندر شرما جي آخري رسمن ۾ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي،پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالهي سميت وڏي انگ ۾ پ پ اڳواڻن شرڪت ڪئي.

چندر شرما جو اباڻي قبرستان ۾ اگني سنڪار ڪيو ويو.

قتل ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي پوليس پاران گرفتار ڪيل انيل ڪڇي بي ڏوهي نڪتو.

ايس ايس پي ٿرپارڪر  عمران قريشي چيو آهي ته جاچ هلي پئي قاتلن جي شاهدن سڃاڻپ ڪئي آهي جلد ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پهچي وينداسين.

ٻئي پاسي چندر جي قتل واري واقعي خلاف اسلام ڪوٽ، مٺي، چيلهار، ڏيپلو، ڪلوئي شهر ٻئي ڏينهن به سوڳ ۾ مڪمل بند پيل آهن……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڳاڙهو: ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان ڳوٺ حاجي صديق شاھ ۾ تلاءَ جو افتتاح

ڪيٽي بندر ۾ ڪم ڪندڙ ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان يوسي ٻيٽ ميھار جي ڳوٺ حاجي صديق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے