14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |گھوٽڪي: ٻن ٻارڙين جي اغوا خلاف شهري اتحاد  جي ڪارڪنن ۽ وارثن جو احتجاج

Ghotkiگھوٽڪي ۾  ٻن ٻارڙين جي اغوا خلاف شهري اتحاد  جي ڪارڪنن ۽ وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاج  ڪيو .

شهري اتحاد جي ڪارڪنن ۽ يرغمالي بڻيل ٻارن جي وارثن خالد لاکو، ستار گهوٽو، شاهنواز وسير امداد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سندن نياڻين عارفه  ۽ مقدس راجپوت ،کي گذريل هفتو اڳ اغوا  ڪيو ويو آهي پر پوليس ڪو  به تحرڪ نه ورتو آهي.

هنن ٻڌايو ته نياڻين جي والد عبدالرحمان راجپوت جي فرياد تي جوابدارن شفقت ،شرافت علي نويد علي لياقت تي اغوا جو ڪيس داخل ٿيل آهي  پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي .

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، آءِ جي سنڌ ،ڊي آءِ جي سکر ،ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته  نياڻين  کي ترت بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے