22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |واهي پانڌي: ڳوٺاڻن جو  چوري ٿيل ٽن موٽر سائيڪلن جي واپسي لاءِ احتجاج

واهي پانڌي ويجهو ڳوٺاڻن 20 ڏينهن اڳ چوري ٿيل ٽن موٽر سائيڪلن جي واپسي لاءِ احتجاج ڪيو ويو .

ڳوٺ بهاول ٻٻر جي رهواسين پاران عبدالرزاق ٻٻر، حاجي سليمان ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 20 ڏينهن اڳ چورن بااثر وڏيرن  جي چرچ تي رات دير سان ٽي موٽر سائيڪلون ڪاهي فرار ٿي ويا .

هنن چيو ته چوري جي اين سي واهي پانڌي تي ٿاڻي تي  داخل ڪرائي آهي پر  ايس ايڇ او ڳري رشوت وٺڻ عيوض چورن جو  ساٿاري بڻيل آهي .

اڳواڻن ايس ايس پي دادو کان گهر ڪئي ته ايس ايڇ او ۽ منشي واهي پانڌي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري، چورن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽  چوري ٿيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرايون وڃن،.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ننگرپارڪر: 12 ربيع الاول عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

پوري دنيا جيان 12 ربيع اول جي مناسبت سان آقا جي آمد مرحبا جي گونج  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے