15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |وارھ: شهرين جو بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج

وارھ ۾ شهرين بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو .

ھٿراڌو لوڊشيڊنگ خلاف شھرين طرفان محب ڇٽو. بشير ميرجت . مظفر قاضي. شاهنواز ڇٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

ان موقعي تي شهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽرانسفارمر هٿ وٺي خراب ڪري وري شھرين کي بليڪ ميل ڪري پئسن جي اڳاڙي ڪئي وئي وڃي جنهن ۾ خانگي ماڻهو ملوث آهن .

هنن چيو ته خراب ٽرانسفارمرن جي مرمت لاءِ ايم پي اي طرفان  مليل ڏيڍ لک روپيا ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪري ويا آھن .

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته  هٿ سان ٽرانسفارمر ساڙيندڙ ماڻھن کي گرفتار ڪري شھر مان لوڊشيڊنگ جي مصيبت مان جند ڇڏائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شادي پلي: صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج

* شادي پلي ۾  ٽائون انتظاميا جي نااهلي ۽ غفلت سبب شهر گندگي جي ڍير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے