20 منگل , نومبر 2018

اعتزاز احسن جهڙو قابل اڳواڻ ئي ملڪ جو صدر ٿيڻ گهرجي: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اعتزاز احسن صدر لاءِ اپوزيشن جو گڏيل اميدوار هوندو، ان جهڙو قابل اڳواڻ ئي پاڪستان جو صدر ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اعتزاز احسن، قمر زمان ڪائرا ۽ چوڌري منظور سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ صدارتي چونڊن بابت پارٽي پاليسي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اعتزاز احسن صدر جي عهدي لاءِ اپوزيشن جو گڏيل اميدوار هوندو، ان لاءِ ٻين پارٽين کان حمايت وٺنداسين. هن چيو ته وزيراعظم جي چونڊ جي حوالي سان پ پ پنهنجي حڪمت عملي تيار ڪئي، شهباز شريف کي اپوزيشن ليڊر تسليم ڪيون ٿا، اعتزاز احسن جهڙو قابل اڳواڻ ئي ملڪ جو صدر بڻجن گهرجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے